سوات ۾ پوليس اهلڪارن کي استادن کي سلام ڪرڻ جا حڪم

سوات (م ڊ) سوات ۾ پوليس اهلڪارن کي استادن کي سليوٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، سوات جي ضلعي پوليس آفيسر ڊي پي او  شفيع الله گنڊاپور ض:عي ۾ سمورن پوليس آفيسرن کي استادن کي سليوٽ ۽ تعظيم ڪرڻ جا نوان حڪم جاري ڪيا آهن، ڊي پي او سوات حڪم جاري ڪندي چيو ته مذهب معاشري ۾ استاد جو تمام گهڻو اهم ڪردار هوندو آهي، ڪنهن ملڪي ترقي ۾ استاد جي ڪردار کان انڪار ناممڪن آهي، اسلامي تعليمات ۾ استاد کي والد جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ جيڪو شخص پنهنجي استاد جو احترام ناهي ڪندو اهو ڪڏهن به ترقي ناهي ڪري سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.