سي ٽي ڊي وارن گهر ۾ گهڙي عورتن جي تذليل ڪئي: جمشيد دستي

ڪراچي (م ڊ) سي ٽي ڊي گهر ۾ ڇاپي جي دوران منهنجي گهر جي عزت لٽي آهي، پاڪستان عوام راڄ پارٽي جي سربراهه ۽ پاڪستان  تحريڪ انصاف جي اميدوار جمشيد خان دستي هڪ وڊيو بيان ۾ الزام لڳائيندي چيو ته سي ٽي ڊي وارن گهر ۾ ڇاپي دوران منهنجي گهر جي عزت لٽي آهي، جمشيد دستي رات جو دير سان وڊيو بيان جاري ڪيو، هن چيو ته چيف جسٽس پاڪستان کي درخواست آهي ته پوليس رات جو زبردستي منهنجي گهر ۾ گهڙي آئي ۽ منهنجي فيملي سان بدتميزي ڪندي رهي، روئيندي جمشيد خان دستي چيو ته سي ٽي ڊي چار ڪلاڪن تائين منهنجي گهروارن  جي تذليل ڪندي رهي، منهنجي گهر جي عورتن جي عزت سان کيڏيو ويو، چيف جسٽس جسٽس کان هن درخواست ڪئي ته منهنجي ان حالت ۾ پنهنجو دماغي توازن وڃائڻ وارو آهيان، منهنجي گهرواري کي گهليو ويو، مان هاڻ مرڻ چاهيان ٿو، مون کي گولي هڻي ڇڏيو، سي ٽي ڊي وارن مون کي ڪٿان جو ناهي ڇڏيو، اها اذيت مان 9 مهينن کان برداشت ڪري رهيو آهيان، هر آءِ ڏينهن سي ٽي ڊي وارا ڇاپو هڻن ٿا ۽ تذليل ڪن ٿا، اهو سڀ ڪجهه اليڪشن وڙهڻ جي ڪري ڪيو پيو وڃي، جنهن کي وڻي چونڊيو، مان بس ڪئي، مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ٻئي پاسي مظفر ڳڙهه جي ٿاڻيدار خرم رياض تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جمشيد دستي جي گهر تي ڇاپي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هڪ بيان ۾ ايس ايڇ او مظفر ڳڙهه چيو ته نه ئي جمشيد دستي جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو ۽ نه ئي ان جي فيملي کي هراسان ڪيو ويو، جمشيد دستي کي ڪا شڪايت آهي ته لاڳاپايل فورم سان رابطو ڪري.

 جمشيد دستي جي وائرل وڊيو فتنو فساد يا حقيقت؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جو اڳواڻ جمشيد دستي ڊرامو ڪري ملڪ ۾ فتنو فساد پکيڙڻ چاهي ٿو يا ساڻس واقعي ايڏي وڏي زيادتي ٿي آهي، نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته جمشيد دستي ماضيءَ  ۾ ايڏا وڏا ڊراما ڪيا آهن جو ڪڏهن بوٽ پالش ڪندو هو ته ڪڏهن گڏهه  گاڏو هلائي عوام کي خاطري ڪرائيندو  هو ته هو عام ماڻهو آهي، ان ڪري سندس تازي وڊيو به ڊرامو محسوس ٿي رهي آهي، جنهن جو مقصد صرف ۽ صرف ادارن کي بدنام  ڪرڻ آهي، ان ڪري ته جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ غدار قرار ڏنا ويا هئا، انهن سان به ايئن نه ٿيو هو جيئن جمشيد دستي بيان ڪري رهيو آهي. ان ڪري سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ چيف جسٽس پاڻ جاچ ڪري حقيقت عوام آڏو آڻڻ گهرجي، جيڪڏهن الزام سچ ثابت ٿئي ته زيادتي ڪندڙ  اهلڪارن کي سزا ملڻ گهرجي، جيڪڏهن ڊرامو ثابت ٿئي ته جمشيد دستي کي سزا ملڻ گهرجي. جيئن اهو سلسلو هڪدم رڪجي وڃي ٻي صورت ۾ ڊپ آهي ته پي ٽي آءِ وارا ان کان به وڌيڪ خطرنڪا ڊراما ڪري سگهن ٿا جن جو مقصد ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ آهي. جنهن جا نتيجا به خطرناڪ نڪرندا، صحافي گوهر بٽ موجب جمشيد دستي اٽڪل 9 مهينن کان خاندان سميت ان گهر مان غائب آهي، جنهن گهر تي ڇاپي جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.