ڪراچي ۾ شهيد فلسطينين جي ياد ۾ ڏيئا روشن، غزا ۾ اسرائيلي بربريت خلاف احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) نئين سال جو سج اڀرندو آزاد فلسطين جي اميد سان. اسرائيل ۽ ان جي سامراجي حامين کي فلسطينين خلاف انهن جي سنگين ڏوهن جي سزا ڏني ويندي.فلسطيني شهيدن جي ياد ۾ شمع روشن ڪرڻ واري  تقريب ۾ سياسي، سماجي ۽ مزدور نمائندن نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن، شهري عوامي محاذ، هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن ، الٽرنيٽ ۽ ٻين تنظيمن پاران صهيوني رياست جي جارحيت ۾ شهيد ٿيندڙ هزارين فلسطينين جي ياد ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان شمعون روشن ڪيون ويون. تقريب ۾ فيصل ايڌي، گل رحمان، زهرا خان، ڊاڪٽر اصغر علي دشتي، رياض عباسي، عاقب حسين، سعيد بلوچ، فاطمه مجيد، سارا خان، شهزاد مغل، سائره فيروز، احسن محمود، نور محمد، اقبال  ابڙو ، وحيد بلوچ، عيني، وسيم جمال، ناصر منصور ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن چيو ته غزا ۾ اسرائيلي بربريت جي نتيجي ۾ هزارين ٻار، عورتون ۽ معصوم فلسطيني شهيد ٿي رهيا آهن. غزا ۾ سمورا اسڪول، اسپتالون، بجلي، پاڻي جو مواصلاتي نظام ۽ انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو آهي. غزا کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، دوا، کاڌي ۽ ٻين ضروري سامان تائين رسائي ختم ٿي وئي آهي، نتيجي ۾ وڏي ڏڪار ۽ بيمارين جنم ورتو آهي،.اسرائيل جي جارحيت کي سڌي طرح آمريڪي سامراج، يورپي حڪومتن جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته مسلمان ملڪن جي اڪثريت جي مجرمانه خاموشي ۽ بي حسي اسرائيلي ظلم جي اڻ سڌي طرح حمايت جي برابر آهي،اڳواڻن چيو ته فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ ملوث اسرائيل جي رياست ۽ ان جي حمايتي رياستن کي تاريخ جي ان بدترين ڏوهه جي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. اسرائيل جي هٿياربند ظلمن خلاف منظم فلسطيني مزاحمت آزاد فلسطيني رياست لاءِ جاري جدوجهد کي جلد فتح ڏياريندي. فلسطينين جي اها سخت جدوجهد، جيڪا ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي، جنهن کي دنيا جي اربين آزادي پسند ماڻهن جي حمايت حاصل آهي.دنيا جي مزدورن ۽ انقلابين وانگر پاڪستان جا مزدور ۽ انقلابي به فلسطين جي قومي آزادي ۽ آزاد وطن جي جدوجهد ۾ فلسطينين سان گڏ آهن. فلسطيني شهيدن جي قربانين سان نئين سال جو سج آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي روشن پيغام سان اڀرندو.ان موقعي تي مطالبو ڪيو ويو ته غزا تي جاري اسرائيلي حملن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي،غزه جو گهيرو فوري طور ختم ڪيو وڃي ۽ ريليف آپريشن ڪيو وڃي،محصور فلسطينين لاءِ دوائون، کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون ضروري شيون بغير ڪنهن رڪاوٽ جي غزا پهچڻ جي اجازت ڏني وڃي.اسرائيلي رياست کي انصاف جي عالمي عدالت ۾ نسل ڪشي، انسانيت خلاف سنگين جنگي ڏوهن جي سزا ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.