توشا خانه ڪيس، تحفن جي گهٽ قيمت لڳائي ناڻي کي نقصان پهچايو ويو: نيب رپورٽ

اسلام آباد ( م ڊ ) سعودي ولي عهد کان پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي کي ملندڙ تحفن جي قيمت بابت نيب جي جاچ رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. نيب طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب دبئي مان تحفن جي قيمت لڳرائڻ تي خبر پئي ته پاڪستان ۾ تحفن جي قيمت گهٽ لڳائي ناڻي کي هڪ ارب 57 ڪروڙ، 37 لک رپين جو نقصان پهچايو ويو، 3 ارب 16 ڪروڙ جي تحفن جي قيمت پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک لڳائي وئي. اڌ رقم يعني 90 لک ادا ڪري تحفا پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، نيب رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته تحفن جي صحيح قيمت جاچ ڪرڻ جو نظام پاڪستان ۾ موجود ئي نه آهي. پاڪستان ۾ ڪو به ادارو سعودي شهزادي کان مليل جيولري سيٽ جي قيمت نه لڳائي سگهيو، ايف بي آر، ڪليڪٽوريٽ آف ڪسٽمز جي ڪميٽي تحفن جي قيمت لڳائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي هئي. تحفن جي قيمت لڳائڻ جي  سلسلي ۾ انڊسٽريز اينڊ پروڊڪشن ڊويزن  سان به رابطو ڪيو ويو، انڊسٽريز اينڊ پروڊڪشن ڊويزن ٻڌايو ته جيمز اينڊ جيولري ڊولپمينٽ ڪمپني ئي غير فعال آهي .

جڏهن ته جيمز اينڊ جيولري ٽريڊرز ايسوسيئيشن به قيمت جو اندازو نه لڳائي سگهي دبئي ۾ پاڪستاني قونصليٽ جنرل ذريعي ايمبو ايمپيڪس ايف زيڊ اي جي عمران بشير جون خدمتون ورتيون ويون، هن ٻڌايو ته تحفن جي اصل قيمت 3 ارب 16 ڪروڙ 55 لک رپيا بڻجي ٿي.  پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي هڪ ارب 57 ڪروڙ 37 لک رپيا ادا ڪري تحفا رکي سگهيا ٿي پر انهن 90 لک ادا ڪري تحفا رکي ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.