بدامني تي ڳڻتي،ڪراچي واسين جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تان اعتماد ختم ٿئي پيو:وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر انسپيڪٽر جنرل آف پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ ڀنگ عيوض اغوا ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام لاءِ واضح ۽ موثر قدم کنيا وڃن. هن  چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ٿاڻي جي حد اندر ڪو به ڏوهه ٿئي ٿو ته لاڳاپيل پوليس ذميوار هوندي. وڏي وزير ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس رفعت مختار ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند شرڪت ڪئي. وڏي وزير شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته شهري روڊن ۽ تفريحي ماڳن تي پاڻ کي محفوظ نٿا سمجهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تان سندن اعتماد ختم ٿي رهيو آهي. هن واضح هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن به ٿاڻي جي حد اندر اسٽريٽ ڪرائم جو ڪو واقعو پيش آيو ته لاڳاپيل پوليس اسٽيشن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. مقبول باقر چيو ته مون پوليس کي مسلسل گشت ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي آهي پر انهن هدايتن تي مڪمل عمل نه ڪيو پيو وڃي، جنهن تي آءِ جي پوليس چيو ته پوليس پاران اوھان جي گشت واري حڪم جي تعميل ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس اسٽيشنن ۽ موبائلن کي وائرليس اسٽيشنن سان ليس ڪيو ويو آهي ۽ پوليس اسٽيشنن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي ڪچي واري علائقي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀنگ عيوض اغوا جا ڪيس شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڪچي ۾ اهڙن ڏوهن جا وڌندڙ واقعا برداشت جوڳا نھ آهي. هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته اغوا ٿيلن جي بازيابي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڌاڙيلن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکيو وڃي. عادي ڏوهارين جي ٽيگنگ: وڏي وزير ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين کي ٽيگ لڳائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن انهن جي حرڪت تي نظر رکي سگهجي. اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته ڏوهارين کي سندن ٻئي يا ٽئين ڏوھ ڪرڻ تي هڪ ڪنگڻ ڏنو وڃي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو ان حوالي سان هڪ قانوني مسودو پيش ڪري جنهن جو جائزو وٺڻ بعد آرڊيننس ذريعي متعارف ڪرايو ويندو. وڏي وزير انسپيڪٽر جنرل پوليس کي هدايت ڪئي ته صوبي ۾ امن امان جي بهتر صورتحال کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عام چونڊون خوشگوار ماحول ۾ ٿي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.