اين اي 119تي مريم نواز جي ڪاغذن تي اعتراض داخل

لاهور(م ڊ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 119 تان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض داخل ڪيا ويا.اعتراض ڪندڙ جو چوڻ آهي ته ريٽرننگ آفيسر طرفان تصديق ٿيل ڪاپي ناهي ڏني وئي، مريم نواز سزا يافته آهي، سندس نااهلي معطل آهي، سزا معطل ناهي ڪئي وئي.مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن تي 8 اعتراض اٿاريا ويا آهن.اعتراض ڪندڙ چيو ته مريم نواز مختلف ٽي وي چئنلن تي ڏنل انٽرويوز ۾ مختلف اثاثا ظاهر ڪيا آهن.

ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي قلم 144 لاڳو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ نئين سال جي آمد جي موقعي تي ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو  ڪيو ويو آهي،شهر ۾ هوائي فائرنگ، آتشبازي ۽ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳائي وئي آهي،ان سلسلي ۾ ڪمشنر ڪراچي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، پابندي 31 ڊسمبر کان پهرين جنوري تائين لاڳو هوندي،ڪمشنر ڪراچي محمد سليم راجپوت چيو آهي ته اسان کي شهرين جي جان ۽ مال جو هر صورت ۾ تحفظ ڪرڻو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.