”سنڌ جي زمينن تي والار نامنظور“ لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي بک هڙتال

لاڙڪاڻو (پ ر) زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي طرفان مرڪزي سڏ تي جناح باغ چوڪ تي احتجاجي بک ھڙتالي ڪيمپ  لڳائي وئي، ڪارونجھر، گورک، کيرٿر نيشنل پارڪ، ھاليجي، ڪينجھر، ڀنڀور، گنجو ٽڪر، منڇر سميت ٻين تاريخي ۽ سياحتي ماڳن ۽ ڍنڍن ۽ ڍورن جي تي ٿيندڙ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي بک ھڙتالي ڪئمپ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ اڳواڻ ساجد حسين مھيسر، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماهه نور ملاح، ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ مصطفىٰ چانڊيو، عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر سعيد ميمڻ، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمنٰ مھيسر، قادر ڀٽو، ھاري اڳواڻ بخت ملاح، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ڪامريڊ علي حسن وڪو، ڊاڪٽر ذوالفقار راھوجو، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ميراڻي، سنڌي شاگرد تحريڪ اڳواڻ اعتزاز گائينچو، ھندو پنچائت جي اڳواڻن، وڪيل برادري جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ٻين چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي صورت ۾ سنڌ تي گهڻ طرفو حملو ڪيو ويو آهي، هڪڙي پاسي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ افغانين ۽ ٻين غيرملڪين جون بستيون قائم ڪري کين سنڌ جا جعلي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏئي، انهن کي سنڌ جي شهرن تي قبضا ڪرڻ جي ڇوٽ ڏني وئي آهي ته ٻي طرف سنڌ جي تاريخي ڳوٺن کي ڊاهي پٽ ڪري سنڌين کان زمينون ڦريون پيون وڃن، سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ لاءِ سنڌين جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ڪراچي ۾ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، اينٽي انڪروچمينٽ ۽ سنڌ پوليس جي صورت ۾ زرداري مافيا جي ڪمدارن طرفان ٻوڏ متاثرن جي خيما بستي تي قاتلاڻو حملو ڪري هڪ معصوم نينگر کي قتل ڪرڻ جي مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، جن مان 52 هزار ايڪڙ زمين عسڪري ادارن سان لاڳاپيل هڪ ڪمپني گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو کي ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.