سانگهڙ جي قومي تڪ تي محمد خان جوڻيجو جا فارم رد، چئلينج جو اعلان

سانگهڙ (عوامي آواز نيوز) سانگهڙ جي قومي تڪ تي جي ڊي اي اڳواڻ محمد خان جوڻيجو جا نامزدگي فارم رد ٿي ويا،  سانگهڙ جي قومي تڪ اين اي 209 تي جي ڊي اي اڳواڻ محمد خان جوڻيجو جا نامزدگي فارم رد ٿي ويو،  رٽرننگ آفيسر پ پ جي مقامي اڳواڻ پاران داخل ڪرايل اعتراضن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو،  پ پ اڳواڻن پاران داخل ڪرايل اعتراضن ۾ چيو ويو هو ته محمد خان جوڻيجو جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهل ٿيل آهي، تنهن ڪري سندس نامزدگي فارم رد ڪيا وڃن،  محمد خان جوڻيجو ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي ڇڏي فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيو هو، محمد خان جوڻيجو سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جو پٽ آهي، محمد خان جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت بعد سندس ڀاءُ روشن جوڻيجو پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تان ايم اين اي چونڊيو هو، ٻئي پاسي جي ڊي اي اڳواڻ محمد خان جوڻيجو پاران نامزدگي فارم رد ڪرڻ واري فيصلي کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي دور ۾ مون سان زيادتي ڪئي وئي، جعلي ڊگري جي ڪوڙي ڪيس ۾ نااهلي جي سزا ٻڌائي وئي، نواز شريف تاحيات نااهلي جي سزا باوجود چونڊ وڙهي سگهي ٿو ته پوءِ مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟  رٽرننگ آفيسر پيپلزپارٽي جي ونگار وهي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.