سيوهڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ) عام چونڊون 2024 جي سلسلي ۾ سيوھڻ ۾ به نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو عمل مڪمل ٿي ويو ، رٽرننگ آفيسر سيوھڻ محمد علي گوپانگ پاران اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ مڪمل ڪرڻ بعد انھن جي لسٽ پڌري ڪئي وئي، مليل ڄاڻ موجب سيوهڻ پي ايس 77 تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ان جي سوٽ عبدالنبي شاھ سميت 19 اميدوارن جا فارم بحال ٿي ويا، جڏهن ته 4 اميدوارن جا فارم رد ٿي ويا، بحال ٿيندڙ ٻين اميدوارن ۾ سيوهڻ جي پي ايس 77 تي ايس يو پي جي اميدوار سيد منير حيدر شاھ ۽ روشن علي ٻرڙو جا فارم، جي ڊي اي جي عبدالعليم ۽ مير حسن پنھيار، پي ٽي آءِ جي محمد فاروق سولنگي، غلام مرتضيٰ سولنگي، سيد محمد علي شاھ، عبدالرحيم بوزدار ۽ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي بشير احمد بڙدي جا فارم بحال ٿي ويا، سيوهڻ پي ايس 77 تي آزاد اميدوار غلام مجتبيٰ شاھ، غلام اصغر چانڊيو، عبدالحسين راجپوت، اظهر جمالي، منظور احمد جمالي جا فارم پڻ بحال ٿي چڪا آهن، آر او آفيس ٻاھران فارم بحال ٿيڻ بعد سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش هئي ته مخالفن جا فارم رد ڪيا وڃن ته جيئن ھو بنا مقابلي ڪامياب ٿي وڃي پر اسانجي سپريم ڪورٽ وڪيل مير احمد منڱريو جي محنت سان ڪافي ڇنڊ ڇاڻ ۽ 3 ڪلاڪ ويهارڻ بعد اسان جا فارم بحال ڪيا ويا.