پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي چونڊ اتحاد جو معاهدو جمع

ڪراچي (م ڊ) پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي وچ ۾ چونڊ اتحاد جو معاهدو جمع ڪرايو ويو، پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وڪيلن چونڊ اتحاد جو معاهدو  رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرايو معاهدي تي فرحت الله بابر ۽ نيئر بخاري جون صحيحون آهن، ٽن صفحن تي ٻڌل معاهدي موجب ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ 7 آگسٽ 2002ع تي چونڊ معاهدو طئي ٿيو، ٻئي پارٽيون گڏيل چونڊ نشان ”تي“ تي چونڊ ۾ حصو وٺنديون، ٻئي جماعتون قومي، صوبائي اسيمبلين ۽ مقامي حڪومتن جي چونڊ هڪ ئي نشان تي وڙهنديون، معاهدي موجب 8 جنوري 2017 تي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ آصف علي زرداري پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جو صدر چونڊيو ويو.

رياستي مشينري پي ٽي آءِ خلاف سرگرم آهي: گوهر خان

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته رياستي مشينري پي ٽي آءِ خلاف سرگرم آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ اميدوارن ۽ سندن حمايتين کي ڌمڪيون ڏئي رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن کان پري رکيو پيو وڃي. بئريسٽر گوهر خان چيو ته هي بدترين قسم جي طاقت جو غلط استعمال ۽ چونڊ عمل ۽ طريقيڪار جي سنگين ڀڃڪڙي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي ناڪامي جو ثبوت آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته سندس پارٽي ڪارڪن 8 فيبروري تائين ميدان ۾ ثابت قدم رهندا ۽ ان کانپوءِ به ثابت قدمي جو مظاهرو ڪندا رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.