ڄام ڪمال جا ڪاغذ بحال، دبئي واري ملڪيت ظاهر ڪيل آهي:اڳوڻو وڏو وزير

حب(ن ع آ) دبئي ملڪيت بابت بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال خان جو موقف سامهون اچي ويو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ ڄام ڪمال چيو ته 2008ع ۾ سياسي صورتحال سبب ڄام  محمد يوسف 4 سالن لاءِ دبئي ويو هو، دبئي ۾ هڪ ٽائون هائوس ڄام محمد يوسف جي ملڪيت هو.ڄام ڪمال خان چيو ته ڄام محمد يوسف جي وفات کانپوءِ اها ملڪيت وارثن ۾ ورهائي وئي هئي، اها ملڪيت مون پنهنجي گوشوارن ۾ ظاهر ڪئي آهي.جڏهن ته پي بي 22 لسٻيلي تان ڄام ڪمال جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.