ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو ) سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن غلام شبير ٻنگ، سرور خروس، مراد ڪوري، محمد خان کوسو، رحيم کوسو ۽ ٻين سوين ملازمن ايس ڊي اي ڊي جي آفيس جي مک گيٽ اڳيان مهيني کان سراپا احتجاج رهندي احتجاجي ڪئمپ تي زوردار نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته گذريل ٽن مهينن کان پگهارون ناهن ڏنيون ويون جنهن سبب گهر ڀاتي فاقا ڪٽڻ تي مجبور آهن، ٻارڙن جي تعليم پڻ متاثر ٿي رهي آهي، هنن چيو ته ايس ڊي اي جهڙي اداري کي هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي، ڪرپٽ ڪامورا پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي بادشاهي نظام قائم ڪري ويٺل آهن جن کي اسان جا جائز مسئلا به نظر نٿا اچن گذريل مهيني کان ڪئمپ تي ويٺا آهيون پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته جيستائين رهيل پگهارون ادا نه ڪيون وينديون، احتجاجي ڪئمپ جاري رهندي هنن نگران وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين پگهارون ڏياريون وڃن.02