اڳوڻو وفاقي وزير فيصل صالح حيات ن ليگ ۾ شامل

جهنگ ( م ڊ ) اڳوڻو وفاقي وزير فيصل صالح حيات مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿي ويو. هن پارٽي صدر شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ باضابطه  شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته فيصل صالح حيات ۽ سندس گروپ جي شموليت سان جهنگ ۾ مسلم ليگ ن وڌيڪ مضبوط ٿيندي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف فيصل صالح حيات سان گڏ شاهه جيونا جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. ان کان اڳ مسلم ليگ ن جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ن ليگ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ڏکئي وقت ۾ به ڪٿي وڃڻ جو نه سوچيو، پارٽي پنهنجي سرمائي جي جيتري تعريف ڪري گهٽ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.