آئين چيف جسٽس کي هڪ طرفو فيصلو ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي : قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته ايڪٽ سپريم ڪورٽ کي نقصان نه پهچايو ۽ نه ئي عدليه جي آزادي کي متاثر ڪيو پر عدليه کي وڌيڪ مضبوط  ۽ خودمختيار بڻايو. اهو چيو ويو آهي ته ايڪٽ سان انصاف تائين پهچ ۾ آساني ٿي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ 22 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ سپريم ڪورٽ کي ريگيولر ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، پارليامينٽ پاران ٺاهيل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ڪا به آئيني ڀڃڪڙي ناهي ڪئي وئي. فيصلي ۾ چيو ويو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي هر شق جو احتياط سان جائزو ورتو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو ته اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ بينچ 8 جون تي چيو هو ته ڪيس جي ٻڌڻي جولاءِ ۾ ٿيندي، جولاءِ ۽ آگسٽ جي ٻن مهينن دوران ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف داخل درخواستن تي رجسٽرار آفيس اعتراض اٿاري ڇڏيا، سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پر رجسٽرار آفيس جي اعتراضن تي غور نه ڪيو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي آئين چيف جسٽس آف پاڪستان کي اهو حق ناهي ڏنو ته هو اڪيلو فيصلو ڪري. فيصلي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ کي آئين تحت ست اختيار ڏنا ويا آهن. شفاف ٽرائل جي اصول تحت عدالتون آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪرڻ جون پابند هونديون آهن، هر جج حلف کڻي قانون موجب فيصلا ڪرڻ جو پابند هوندو آهي. جسٽس فائز عيسيٰ فيصلي ۾ لکيو ته سپريم ڪورٽ چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين ججن تي ٻڌل آهي، آئين چيف جسٽس آف پاڪستان کي ڪيسن جو هڪ طرفي فيصلو ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي، چيف جسٽس آف پاڪستان جي دانش آئين جو متبادل نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي چيف جسٽس پنهنجي راءِ ٻين ججن تي مڙهي سگهي ٿو. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۽ قانون ۾ ماسٽر آف روسٽر جو ڪو به اصطلاح ناهي، لفظ ماسٽر آئين ۾ جمهوريت جي بنياد تي توهين جوڳو آهي، لفظ ماسٽر غلاميءَ جي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن جي آئين ۾ پابندي آهي، اهو آئين جي خلاف آهي. شرعي اصولن موجب شرعي اصولن ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي وچ ۾ ڪنهن معاملي ۾ صلاح مشوري کي به لازمي قرار ڏنو ويو آهي، اسلام ۽ سڄي دنيا ۾ فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو حق حاصل هوندو  آهي. چيف جسٽس فائز عيسيٰ لکيو ته پنهنجي راءِ ٻين تي مڙهڻ دراصل ٻين کي اهميت نه ڏيڻ جي برابر آهي، عدالت جي ساک متاثر ٿيڻ سان ملڪ ۽ عوام جو نقصان ٿيندو آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٻين عدالتن تي لاڳو هوندو آهي پر پاڻ سپريم ڪورٽ تي نه پر سپريم ڪورٽ جي وڏي بينچ جو فيصلو ننڍين بينچن جي فيصلن تي اهميت ڏيندي ويندي آهي ۽ آئيني روايتن کي قانون جي طرز تي لاڳو نٿو ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.