اسلام آباد ۾ ويٺلن جي سوچ نه ٿي جاڳي، چونڊن ۾ مقابلو ڪنداسين

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ محمد يوسف شيخ ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي عام منعقد ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته هن ئي جڳهه تي بيهي اڄ کان 16 سال اڳ مون چيو هو ته انشاءَ الله مان پنهنجو فرض لاهي سگهان ته پوءِ مون کي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جڳهه ڏجو ٻي صورت مون کي  پنهنجي بزرگن جي قبرستان ۾ دفنايو، الحمد الله اڄ مان چئي سگهان ٿو ته شهيد ڀٽو جي ريفرنس کولرائڻ کان پوءِ مان سمورو قرض لاهي ڇڏيو آهي، عوام جا حق سنڀاليا آهن ۽ آئنده به سنڀالينداسين، قدم وڌائي عوام کي اڳتي وٺي وينداسين. هن چيو ته پاڪستان غريب ملڪ ناهي پر پاڪستان ۾ صرف اسلام آباد تمام غريب آهي مسئلو ڪوٽيئا، حيدرآباد، ڪراچي، پشاور يا لاهور مان نه آهي پر مسئلو اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهن جي سوچ آهي جن جي سوچ نه ٿي جاڳي، کين نظر نه پيو اچي ته غريب سان ڇا پيو ٿئي ۽ بکايل ڪيئن ٿو سمهي ۽ جڏهن ڪپڙا نه هوندا آهن ته اهو ماڻهو پنهنجي ٻارن سان ويهي ڇا ٿو ڪري، اهي سڀ شيون سياستدانن کي نظر اچن ٿيون، ان لاءِ اسان کي ڏسڻو ٿو پوي، اسان کي پنهنجا ورڪر چوندا آهن ته هي ڪيو هُو ڪيو، اسان جو انهن سان واعدو ڪيل ۽ قسم کاڌل هوندو آهي، ان ڪري اڄ دنيا توهان کي اهو نه چوندي ته توهان جي ليڊر آصف علي زرداري زبان ڪري پوءِ ڦري ويو اسان ڪڏهن ائين ناهي ڪيو. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي ملهائي رهيا آهيون ۽ اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي جا جيالا ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جمع ٿي پوري دنيا ۽ پاڪستان کي هڪ ئي پيغام ڏئي رهيا آهن ته ”زندهه آهي بي بي زندهه آهي“، 16 سال اڳ ڪجهه قوتن سوچيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري هو پاڪستان پيپلز پارٽي کي ختم ڪري غريبن، هارين، نوجوانن، شاگردن جي آواز کي دٻائيندا پر 16 سالن کان پوءِ به پيپلز پارٽي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته توهان اسان جي قائدين کي شهيد ته ڪري سگهو ٿا پر توهان ڪيترا ڀٽو ماريندا هر گهر مان ڀٽو نڪرندو ۽ هر سال ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا جيالا انهن سمورين قوتن کي للڪاريندا آهن ته اسان اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي، ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پنهنجي شهيدن سان وفا ڪندي گڏ آهيون تنهن ڪري مون کي توهان مٿان فخر آهي، ڄاڻان ٿو ته جيڪڏهن اڄ به ملڪ ۾ ڪا سياسي پارٽي آهي جيڪا ملڪ ۽ وفاق کي بچائي هر هڪ مسئلي جو مقابلو ڪري سگهي ٿي ته اها شهيد بينظير ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽي ئي آهي. هن چيو ته اسان شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ڪافي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن شهيد بينظير ڀٽو جي 30 سالن جي جدوجهد  جي نتيجي ۾ 1973ع واري آئين کي بحال ڪرڻ آهي، اهو18 هين ترميم جي ذريعي بحال ڪيو، صوبن کي طاقتور بڻائي وسيلن جي مالڪي ڏيارڻ لاءِ اين ايف سي ايوارڊ ڪري اهو به ڪم ڪري ڏيکاريو، شهيد اٽي، اجهي ۽ گهر جو نعرو هنيو ته آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪري غريب عورتن کي حق ڏنا، اسان چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي اسان آمر کي ڀڄائي جمهوريت بحال ڪئي ۽ پنهنجو انتقام جمهوريت ذريعي ورتو، هي سڀ اسان جون ڪاميابيون آهن پر اڄ جنهن مشڪل حال ۾ پاڪستان بيٺو آهي ۽ عوام جن ڏکن ۾ آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر هن ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهيون ته جيئن اسان عوامي راڄ قائم ڪيون جنهن ۾ عوام، غريب، هارين ۽ شاگردن جو راڄ هجي، هن وقت مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري تاريخي سطح تي پهتل آهي ۽ توهان کي خبر آهي ته اها مهانگائي، غربت يا بيروزگاري هجي انهن سمورن مسئلن جو حل قائد عوام شهيد ڀٽو جي نظرييءَ ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي منشور ۾ آهي، اسان ٽن نسلن کان انهن جو مقابلو ڪندا پيا اچون، اڄ به چوان ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪنهن به سياسي جماعت يا سياستدان سان نه پر مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري سان آهي، انشاءَ الله ملڪ جي عوام ۽ الله تعاليٰ موقعو ڏنو ته اسان انهن سمورن مسئلن جو مقابلو ڪري عوام جي تڪليفن ۽ مسئلن کي گهٽائينداسين، پيپلز پارٽي وفاق ۽ سمورن صوبن جي نمائندگي ڪري رهي آهي، اسان انقلابي منشور ڏئي چونڊ وڙهنداسين اسان چونڊن کي چونڊون سمجهون ۽ مقابلي کي مقابلو سمجهون ٿا اسان چونڊن کان ڊڄڻ وارا ناهيون ڄمي مقابلو ڪري کٽنداسين، اسان چونڊن کان ڀڄڻ وارو ناهيون، جيڪي پنهنجن مخالفن جا نامزدگي فارم کسيندا آهن، اسان مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ اسان چونڊون وڙهيون آهن، اسان جڏهن پنهنجي قائدين کي دفن ڪري رهيا هئاسين ته ان وقت به اسان چونڊون وڙهي رهيا هئاسين هي اسان جو ئي مطالبو هو ته چونڊون ڪرايو ۽ اڄ به مطالبو آهي ته چونڊون ڪرايو، هي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪو ڊرامو ٿي رهيو آهي پاڪستاني عوام 8 فيبروري تي مخالفن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندو ۽ اسان ملڪ کي بچائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڪارڪن ۽ اميدوار تياري ڪن، چونڊن ۾ دمادم مست قلندر ٿيندو، هو ٻين جي ڪنڌن تي سوار ٿي سياست ڪرڻ جا عادي آهن، جن سان گڏجي 16 مهينا حڪومت ڪئي انهن کان اڄ رستا الڳ آهن. پيپلز پارٽي اڳواڻ سينيٽر رضا رباني خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي راولپنڊي جي شهيد بيبي محترمه بينظير ڀٽو خطاب ڪري رهي هئي ته ان وقت ان ڳالهه جي خبر نه هئي ته ٿوري دير بعد محترمه جي شهادت ٿيندي، هي ته اسان بي بي جي اچڻ واري ڏينهن کان ڏسي رهيا هئاسين ته پاڪستان اندر رجعت پسند قوتون ۽ پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ کي اها ڳالهه هضم نه پئي ٿئي ته محترمه بينظير ڀٽو ملڪ واپس اچي. پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙي خطاب ڪندي چيو ته مون کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه پيو اچي ته اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جو ميدان جيالن ۽ جيالين لاءِ ننڍو پئجي ويندو، مان چاهيان پيو ته هي ميدان ننڍو ٿئي ۽ اڄ منهنجي اها خواهش پوري ٿي آهي. هن چيو ته منهنجي ڀيڻ شهيد بينظير ڀٽو قيد ۾ رهي تڪليفون سٺيون هيون ۽ پنهنجي ڀائرن جا لاش کڻي پنهنجي امڙ سان چنبڙي چيائين ته مان پنهنجي والد جي منهن کي ڏسڻ چاهيان ٿي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوام لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي پاڻ کي عوام لاءِ باهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي دل چوي ٿي ته 27 ڊسمبر 2017 جو ڏينهن ڪڏهن نه اچي ها ان ڏينهن تي عالم اسلام ۽ پوري دنيا جي ليڊر کي اسان کان کسيو ويو، اسان هر سال شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ايندا آهيون. هن چيو ته پي پي پي جو جنم بحرانن ۾ ٿيو آهي، شهيد ڀٽو آمر ايوب خان جي حڪومت کي شڪست ڏئي عوام کي حق ڏيارا ته جيئن ملڪ جو عوام پنهنجي ووٽ سان پنهنجا نمائندا چونڊي ان بعد جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ 10 اپريل 1986ع تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ اچي جمهوريت کي زندهه ڪيو هن ڪارڪنن کي تربيت ڏني ملڪ ۾ جڏهن به جمهوريت کي ڪو خطرو يا بحران هوندو آهي ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ڊڄڻ بدران سامهون ايندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.