سائفر ڪيس جو اوپن ٽرائل ڪمري ۾ بند ڪيو ويو آهي: لطيف کوسو

راولپنڊي ( م ڊ ) عمران خان جي وڪيل سردار لطيف کوسو چيو آهي ته سائفر ڪيس جو اوپن ٽرائل کي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو آهي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان  ڳالهائيندي سردار لطيف کوسو چيو ته احتساب عدالت جي جج به ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل وڌيڪ چيو ته بشريٰ بيبي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواست تي به ٻڌڻي ٿي. هن چيو ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته باني پي ٽي آءِ 3 سيٽن تان اميدوار آهي، ضمانت واري درخواست تي پهرين ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي.

  • نيب اسد قيصر سميت ڪي پي جي اڳوڻن وزيرن کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي احتساب بيورو (نيب) خيبرپختونخواهه اسد قيصر سميت ڪي پي جي اڳوڻي وزيرن کي طلب ڪري ورتو آهي. نيب طرفان جاري ڪيل بيان  ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي 10 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي، اڳوڻي وزيرن شهرام ترڪئي ۽ عاطف خان کي به 10 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي. نيب خيبرپختونخواهه جو چوڻ آهي ته ٽنهي ڄڻن خلاف مردان صوابي روڊ جي تعمير ۾ بي ضابطگين جون شڪايتون آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عاطف خان خلاف راندين ۽ سياحت جي منصوبن ۾ ڪرپشن جون شڪايتون آهن. نيب جو وڌيڪ چوڻ آهي ته چيئرمين نيب شڪايتن جي باقاعده جاچ جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.