شهيد محترمه بينظير ڀٽو: ڌرتي ۽ عوام سان محبت ۽ بهادري جو تاريخي مثال

تحرير:شرجيل انعام ميمڻ

شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙي 16 سال ٿي ويا آهن پر سندس مظلوميت واري موت جو ڏک اڄ به تازو آهي. هن عظيم سانحي بابت سوچي اڄ به روح ڏڪي وڃي ٿو، جڏهن 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ دهشتگردن حملو ڪري کيس بيدردي سان شهيد ڪيو هو. ان افسوسناڪ واقعي سان نه صرف پاڪستاني عوام پر سڄي دنيا ۾ جمهوري قوتن کي هڪ اهڙو صدمو رسيو جيڪو ڏک ۽ اداسي جي صورت ۾ نسل در نسل منتقل ٿي رهيو آهي.

اڄ به اڪثر اهو سوال ڪندا آهن ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پهريان کان علم هو ته سندس جان کي خطرو آهي ته پوءِ هو 8 سالن جي جلاوطني ختم ڪري وطن واپس ڇو آئي؟ انهن ماڻهن جي سوال جو جواب اهو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي صرف ان ڳالهه جو علم ئي نه هو پر يقين هو ته ڪجهه ملڪي ۽ عالمي قوتون گڏجي کيس قتل جو منصوبو ٺاهي چڪيون آهن. ان منصوبي کان نه صرف پرڏيهي حڪومتن کيس آگاهه ڪيو هو پر هن پاڻ به ڪجهه عالمي اڳواڻن ۽ ميڊيا جي نمائندن کي ان منصوبي بابت ٻڌايو هو. هن ان وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف کي به باقاعده طور ان منصوبي بابت ٻڌايو هو. ان باوجود هو وطن واپس آئي ۽ هن ان سوال جو جواب پاڻ ئي ڏنو هو. هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو هو ته “اسان دليلن تي ڳالهائيندڙ مرد ۽ عورتون آهيون. اسان جا به نظريا ۽ جذبات آهن، اسان کي معلوم آهي ته ڪيئن زنده رهڻو آهي ۽ ڪيئن مرڻو آهي. تاريخ شهيدن پاران لکي ويندي آهي. تاريخ انقلاب جي ڌاڳن سان سبي ويندي آهي.

18 آڪٽوبر 2007 تي جڏهن شهيد بينظير ڀٽو دبئي کان رواني ٿي رهي هئي ته اُن وقت به کائنس سڀ ماڻهو اهو چئي رهيا هئا ته هو وطن واپس نه وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس جان کي خطرو آهي، پر هو باربار هڪ ئي ڳالهه چئي رهي هئي ته مان پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينديس، اسان جو جيئڻ ۽ مرڻ عوام سان آهي. ان ڏينهن جڏهن هوءَ ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿي ته اتي عوام جو هڪ سمنڊ استقبال لاءِ موجود هو. هي اهو تاريخي ڏينهن هو، جڏهن پاڪستان جي عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو هو، هو محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ هڪ پر امن، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان چاهين ٿا. 18 آڪٽوبر 2007 تي پاڪستان ۾ انقلاب برپا ٿي چڪو هو، جمهوريت عوام دشمن قوتن عوامي طاقت کي ڪچلڻ لاءِ بارود جي طاقت جو استعمال ڪيو ۽ دهشتگردن جي ذريعي محترمه بينظير ڀٽو تي حملو ڪري ڇڏيو ته هو هر حال ۾ شهيد بينظير ڀٽو کي جسماني طور تي عوام کان جدا ڪرڻ جي منصوبي تي بي حرميءَ سان عملدرآمد ڪرڻ چاهين ٿا. دهشتگردي جي ان واقعي ۾ تقريبن 200 جمهوريت پسند شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا، ان واقعي ۾ محترمه بينظير ڀٽو ته بچي وئي، پر سندس ڪتاب “مفاهمت” جا ورق شهيدن جي خون ۾ رنگجي ويا. ان ڪتاب ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا دهشتگردي جي خاتمي ۽ پر امن عالمي معاشري جي قيام لاءِ اهو حل ڏنو ته دنيا ۾ جمهوريت کي ترجيح ڏني وڃي ۽ غريب ۽ امير جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪيو وڃي. اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن تڪرار جي بدران هر جاءِ مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو ويندو.

ان جو مطلب اهو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ عالمي ليڊر طور تي عظيم مشن کڻي 18 آڪٽوبر، 2007 تي پاڪستان جي سرزمين تي لٿي هئي ۽ هن مشن جي پڄاڻي به تڏهن ئي ممڪن هئي ته اها پاڪستان جي عوام سان گڏ رهي ڪري پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪري ها. ان جي مشن جو پهريون مرحلو اهو هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ٿئي. ان کانپوءِ سڄي دنيا جي جمهوري ۽ امن پسند قوتن کي گڏ ڪري دهشتگردي جو خاتمو ڪجي ۽ جمهوري ۽ سياسي عمل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري دنيا مان غربت جو خاتمو ڪيو وڃي. عوام کان پري رهي هن مشن جي تڪميل ممڪن نه هئي. 18 آڪٽوبر، 2007 تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ سانحو ڪارساز کانپوءِ ٻيهر شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پارٽي رهنمائن ۽ ٻين به بهرحال اهو مشورو ڏنو ته هو وري پاڪستان مان ٻاهر وڃي ۽ ٻاهر ويهي ڪري هي چونڊ مهم هلائي.

19 آڪٽوبر، 2007 تي هن سانحي کانپوءِ جڏهن بلاول هائوس ڪراچي ۾ هن پريس ڪانفرنس ڪئي ته هن کان ڪنهن صحافي سوال ڪيو ته 18 آڪٽوبر جي واقعي کانپوءِ به ڇا توهان چونڊن لاءِ عوامي رابطا مهم هلائيندا؟ ان تي هن بنا ڪنهن هٻڪ جي جواب ڏنو “اهي ماڻهو به اهو ئي چاهين ٿا ته آئون چونڊ مهم نه هلايان ۽ واپس هلي وڃان. اهي ماڻهو اهو  چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت بحال نه ٿئي پر هاڻي جمهوريت بحال نه ٿي ته پاڪستان لاءِ خطرا وڌي ويندا. آئون پنهنجي ماڻهن سان گڏ رهندس.وري دنيا ڏٺو ته شهيد بي بي ٻيهر عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي. هوءَ هر جلسي ۾ اهو ئي چوندي هئي ته آئون پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ پنهنجي جان جو رسڪ کڻي آئي آهيان. 18 آڪٽوبر جي سانحي کانپوءِ هن پنهنجي ڪتاب مفاهمت ۾ ڪجهه وڌيڪ اضافو ڪيو ۽ هڪ هنڌ لکيائين ته ”مون پنهنجي والد جي گرفتاري، قيد ۽ قتل جا عذاب ڀوڳيا هئا ۽ ڄاڻندي هئس ته روح جا اهڙا زخم ڪڏهن به نه ڀرجندا. پنهنجي والد جي موت تي جيڪا تڪليف مون ڀوڳي، ان کان پنهنجن ٻارن کي بچائڻ لاءِ آئون ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هئس. پر اهو واحد ڪم هو جيڪو آئون نٿي ڪري سگهيس. “

محترمه بينظير ڀٽو جي انهن لفظن مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته هوءَ پنهنجن ٻارن سان تمام گهڻو پيار ڪندي هئي ۽ کين پنهنجي موت جو صدمو به نٿي ڏيڻ چاهيو. ان باوجود هن شعوري طور تي پنهنجو موت قبول ڪيو. چونڊ مهم جي دوران هڪ ڀيرو هوءَ ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي وئي ۽ مزار جا سمورا دروازا بند ڪرائي اڪيلي ڪيترائي ڪلاڪ ويٺي رهي. انهيءَ ڏينهن ئي ماڻهن کي اندازو ٿي ويو هو ته شهيد بي بي کي پنهنجي موت جو پورو يقين آهي. ان کانپوءِ هوءَ ٻيهر چونڊ مهم تي نڪري وئي. انهيءَ دوران به ماڻهو کيس چوندا رهيا ته جلسن ۾ نه وڃو، پر سندس اهو ئي جواب هوندو هو ته مون جيڪڏهن ايئن ڪيو ته پاڪستان جي لاءِ خطرا وڌي ويندا، پوءِ اهو ئي ٿيو.

27 ڊسمبر 2007ع تي هوءَ عوام جي وچ ۾ ئي شهيد ٿي وئي. اڄ جيڪڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت آهي ته شهيد بي بي جي قربانين جو نتيجو آهي. شهيد بي بي تاريخ ۾ بهادري ۽ جرئت مندي جو مظاهرو ڪيو. شهيد بي بي پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان محبت ڪندي هئي. هن پنهنجي قرباني سان پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن سان اڻ ٽٽندڙ رشتو قائم ڪيو آهي جيڪو هميشه قائم رهندو. اسان سڀني تي شهيد بي بي جي خون جو قرض آهي ته اسين پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي جي لاءِ سندس مشن کي جاري رکون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.