بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڏينهن

پينگھي کان قبر تائين جي وٿي ۾ انسان ڇا ڪجھه ڪري سگھي ٿو اھو اھم آھي.ڪي ماڻھون پنھنجي اورچائي سان پنھنجي حصي کان وڌيڪ ڪم ڪري ويندا آھن. شايد محترمھ بينظير ڀٽو کي بھ دنيا جي انھن شخصيتن ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو.

اڄوڪي ڏينھن تي شھادت جي مرتبي تي فائز ٿيندڙ والدين جي پنڪي، عوام جي محترمھ ۽ ملڪ جي عوام جي لاءِ جمھوريت جي اميد بينظير ڀٽو 18 آڪٽوبر 2007  تي ھو جئين ئي وطن وري ھن جي تاريخي آجيان اڃان بھ ماڻھن کي ياد آھي.

ھن جڏھن واپسي جو فيصلو ڪري ورتو ته کيس تڏھوڪي آمر مشرف تھ کيس چورائي موڪليو  تھ بھتر ٿيندو تھ ھوءَ چونڊن بعد وطن وري، پر ھو نه مڙي.ان کان اڳ ھو  1986 ۾ وطن وري ھئي ۽ ان کان به اڳ 1977 ۾ تعليم مڪمل ڪري وطن موٽي ھئي.جيڪي ھن لاءِ اھم ۽ تاريخ موقعا ھئا.جيتوڻيڪ ان وچ ۾ ھڪ ڀيرو پنھنجي ڀاءِ جو لاش کڻي به وطن آئي ھئي،پر تڏھن ھن ڪا سياسي چرپر نه ڪئي ھئي.ھر ڀيري وطن واپسي وقت ھن کي ڏکن سان جھيڙڻو پيو.جن سان ھن مسڪرائي منھن ڏنو. ڀلجي به  ھن پنھنجي حيات عزيز سان شڪايت نه ڪئي.اھو تاريخ جي ڪاتب ٿي ڇڏي ٿا ڏيون ته اھو تجزيو ڪندو ته محترمه کي حياتيءَ ڇا ڏنو يا ھن ان ھڪڙي حياتيءِ ۾ ڇا ڇا ڪيو ھو ؟ ڇا ڪرڻ گھربو ھو ڇا نه ڪرڻ گھربو ھو ؟

ھو دليلن سان وڙھندڙ پرامن جدوجھد جي حامي سنڌ جي نياڻيءَ ھن وحشين جي جنگل ۾ بنا ڏوھ جي نه رڳو ماري وئي پر ھن جو ڪيس سندس جماعت سميت ڪنھن بھ وڙھڻ جي زحمت نه ڪئي. 18 آڪٽوبر تي بينظير ڀٽو جي ڪراچي هوائي اڏي تي لهڻ جو فيصلي کانپوءِ ڪارڪنن تياريون ڪيون ۽  هاڻوڪي استقبال ۾ شريڪ ماڻهن جي وڏي انگ مان اهو ثابت ٿيو ته هو ئي ملڪ جي وڏي ليڊر آهي. اندازي مطابق آجيان لاءِ 30 لک کان به وڌيڪ ماڻهو آيا.

ٻئي طرف چور دروازي کان اقتدار تي قبصو ڪندڙ پرويز مشرف کي اهو منظر ڏسي گهڻي تڪليف ٿي پئي. ڇاڪاڻ جو کيس ٻڌايو ويو هو ته ماڻهو پ پ سان نه آهن، بينظير جي مقبوليت جو گراف ڪري پيو آهي. سندس وزيرن ۽ مشيرن مشرف کي سمجھايو ھو ته،جئين ھوءَ ”سياسي يتيمن“ جو ڀرجهلو ٿيو آهي ۽ ”نيڪ سيرت“ ڌرين کي ساڻ ملايو آهي. انهن عوام جي اهڙي خدمت ڪئي آهي جو هاڻي ماڻهو پ پ کي موٽ نه ڏيندا.پر اها خام خيالي هئي ۽ بينظير جي مقبوليت ڏسي پرويز مشرف جي ٽيم ڇرڪ ڀري ويٺي.لکين ماڻهن جي ساٿ سان جڏهن قافلو ڪارساز وٽ پهتو ته ويرين خوني حملو ڪرايو، کن پل ۾ سوين ماڻهو موت جي ننڊ پئجي ويا.

بينظير ڀٽو ان واقعي کي سنڀاليو، شهيد ڪارڪنن جي سار لڌي، زخمين وٽ هلي وئي،کين آٿت ڏني.پاڻ سنڀالي،هن وري حڪمرانن کي للڪاريو ۽ کين ذميوار قرار ڏنو.زماني ڏٺو ته بينظير ڀٽو نه ڊني، هن پنهنجو سياسي سفر جاري رکيو. سنڌ جي دوري کانپوءِ هو پنجاب اسهي هئي جو 27 ڊسمبر تي اهو واقعو ٿيو جنهن ۾ هو شهيد ٿي وئي.بينظير زندگيءَ جي تلخين باوجود پنهنجي مزاج ۽ جوهر ۾ پرعزم، جرئتمند ۽ بهادر رهي. هن گهڻن کان گهڻا ڏکيا ڏينهن ڏٺا. جيل ڀوڳيو، والد جي ڦاهي ڏٺي، ٻن ڀائرن جو قتل ڏٺو. مڙس کي جيل ۾ بند ڏٺو ،پر حوصلو نه هاريو.

سنڌ ڄائي، مارئي ملير جي، مائٽن جي پنڪي، عوام جي بي بي ۽ پ پ جي سنجيده حلقي جي محترمه وڏي حوصلي واري، بهادر ۽ رول ماڊل ليڊر هئي ۽ عالمي ۽ مقامي سازش جي اڻت ڪيل ڄار ۾ ڦاسائي ماري وئي.جنهن سان ملڪ، اسان جو خطو هڪ عالمي ليڊر کان محروم ٿي ويو.جنهن جي ڪيس جي پوئواري به نه ٿي.

21 جون 1953ع تي ڪراچي ۾ هڪ مشهور سياسي خاندان ۾ جنم وٺندڙ بينظير ڀٽو وڏي عالمي مڃتا ماڻي. 1977 ۾ جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو تھ معاشري هڪ ڀيرو وري اوندهه طرف سفر شروع ڪيو. جنرل ضياءَ سياسي پارٽين تي بندش وڌي، سياسي اڳواڻن کي جيل حوالي ڪيو.فوجي حڪومت ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏئي ڇڏي. سموريون سياسي ڌريون تماشو ڏسنديون رهيون. خود پ پ  جا ڪيترائي ناميارا ۽ ممتاز اڳواڻ سڌي اڻ سڌي طرح حڪمران ڌر جي مفادن لاءِ ڪم آيا.

وقت بينظير ڀٽو تي تاريخي ذميواري وڌي. هن اها ذميواري خوش اسلوبي سان نڀائي.حڪمرانن بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي قيد ڪري ڇڏيو. پارٽي جا ٻئي ۽ ٽئين درجي جا اڳواڻ قيد ٿيا ۽ پوءِ عظيم مقصد کان پاسيرا ٿي ويا. 1984ع ۾ بينظير ڀٽو پرڏيهه پهچي ملڪ ۾ انساني حقن جي لتاڙ، جمهوريت دشمن حڪمرانن ۽ عالمي سازشن جي مُهرن خلاف آواز بلند ڪيو ۽ دنيا کي هن جي ڳالهه ٻڌڻي پئي.پرڏيهه وڃڻ وقت بينظير ڀٽو اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ پيغام ڇڏي وئي هئي ته هوءَ تڪراري محاذ آرائي واري سياست نٿي چاهي.

هوءَ 1986ع ۾ وري وطن موٽي آئي. 1986ع تائين به پ پ جي مقبوليت ۾ ڪا ڪمي نه آئي هئي.

بينظير ڀٽو 2 ڊسمبر 1988ع تي وزارت اعظميٰ جي عهدي تي فائز ٿي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي. هوءَ پاڪستان جي پهرين خاتون وزيراعظم ٿي. گڏوگڏ هوءَ اسلامي ملڪن جي به پهرين عورت وزيراعظم ٿي.ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جمهوريت جي ٻوٽي کي عالمي سطح جي خاتون وزيراعظم طرفان آبياري وارو عمل اشرافيه جمهوريت دشمن ۽ ملڪ جي ويرين کي نه وڻيو.ملڪ ۾ شروع ٿيل عدم استحڪام تاحال جاري آھي.

جنهن کان پوءِ وري 1999ع تي فوج ملڪ تي قبضو ڪري جمھوريت کي ٻيھر غيرفعال ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي.جڏھن ٻن وڏين سياسي جماعتن گڏجي ”ميثاق جمھوريت“ ڪيو.جنھن جي بدلي لاءِ عالمي ۽ مقامي ايجنٽن بينظير ڀٽو خلاف نئين سازش سِٽڻ شروع ڪئي. فوجي حڪمران نه پئي چاهيو ته بينظير ڀٽو وطن وري.

بينظير ڀٽو سان رائج سياسي طريقي سان مقابلو نه ڪري سگهڻ تي هنن خريد ڪيل ماڻهن کان اهو ڪم ورتو جو 27 ڊسمبر 2008 تي ھن عالمي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو کي ھميشھ لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.