ٿوم جو استعمال ڪيترن ئي کاڌن ۾ ٿيندو آهي، ڪجهه کاڌا اهڙا به آهن جن ۾ ٿوم استعمال نه ڪئي وڃي ته انهن کائڻ ۾ ذائقيدار ناهن لڳندا، نه رڳو ذائقي پر ٿوم فائدن جي حوالي سان به گهڻي مشهور آهي، اها مختلف بيمارين کان بچائيندڙ بهترين سبزي ثابت ٿئي ٿي.
ڪنهن به کاڌي ۾ عام طور تي اڇي ٿوم جو استعمال ٿيندو آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ٿوم جو ٻيو قسم به ٿئي ٿو؟ جيڪو ڪاري رنگ جي ٿوم آهي.