شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه 18 آڪٽوبر 2007ع تي پاڪستان اچي چڪي هئي ۽ سندس تاريخي استقبال ملڪ ۾ موجود نه رڳو سياسي جمود کي ٽوڙي ڇڏيو هو، پر پاڪستان جي سياست کي پڻ هڪ نئون رُخ ڏئي ڇڏيو هو. مشرف حڪومت سميت ان جو ڪنهن کي به اندازو نه هو ته شهيد بينظير ڀٽو جو ايڏو شاندار استقبال ٿيندو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏيھه ورڻ جو بنيادي مقصد پاڪستان ۾ قائم ڊڪٽيٽر جي حڪومت جو خاتمو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ٻيهر جمهوري عمل جاري ڪرائڻ هو. شھيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي ان غير معمولي استقبال کانپوءِ حڪمرانن جون وايون بتال ٿي ويون هيون. ڊڪٽيٽر کي پنهنجي حڪومت جو خاتمو ويجهو نظر اچڻ لڳو، جنهن ڪري 18 آڪٽوبر تي ئي پيپلزپارٽي جي سموري مرڪزي قيادت سوڌو شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي قتل ڪرڻ جي سازش رٿي وئي، جيڪا ناڪام ٿي، ناڪام ان ڪري نه ٿي ته ڪو پيپلزپارٽيءَ جو سيڪيورٽي پلان درست هو، جيڪڏهن درست هجي ها ته ڌماڪو ئي نه ٿئي ها. آخر غير واسطيدار گاڏيون روڊ جي ان پاسي ڇو بيٺيون رهيون، جتان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ٽرڪ اچڻو هو؟ ان حملي جي ناڪاميءَ جو سبب اُهي جيالا هئا، جن سون جي تعداد ۾ شھيد محترمه جي ٽرڪ کي وڪوڙي ڇڏيو هو. ڌماڪي جو سمورو زور هنن پنهنجي جسمن تي سٺو. اهڙي طرح 180 جي لڳ ڀڳ ڪارڪن شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پنھنجي قيادت کي بچائي ورتو.
شھيد محترمه بينظير صاحبه جي ان استقبال ۾ مان پڻ پيپلزپارٽيءَ جي ذيلي شاگرد تنظيم پي ايس ايف ڪراچيءَ جي اڳواڻ طور شريڪ هيس. محترمه جي ٽرڪ سان گڏوگڏ هلي رهيو هيس، پر سفر ڊگهو ٿي وڃڻ ڪري مان ٿڪجي چڪو هيس، جنهن ڪري اتان گذرندڙ هڪ بائيڪ واري کان مون پڇيو ته تون ڪيڏانهن پيو وڃي. هُو جلسي گاھ وڃي رهيو هو، مان ان موٽرسائيڪل تي چڙهي جلسي گاھ هليو ويس، اتي پهچڻ کان اڳ ئي ڪارساز تي هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ سوين ڪارڪن شهيد ٿي ويا هئا، جڏهن ته مان جلسي گاھ هليو وڃڻ جي ڪري ان ڏينهن شهيد ٿيڻ کان بچي ويس. 3 نومبر کانپوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪٻئي انداز ۾ نظر آئي هئي.سندس رٿيل راولپنڊيءَ واري جلسي کي روڪڻ لاءِ حڪومت پنهنجا سمورا سرڪاري ذريعا استعمال ڪيا، جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاران ڀرپور مزاحمت نظر آئي. هي ڄڻ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو جوڀن هو، جيڪو اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڏٺو. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اِهي موضوع ڇانيل هئا، پر خبر ناهي ڇو ان صورتحال ۾ انقلاب چين جي راھ هموار ڪندڙ هڪ عظيم ڪردار سن يت سين ياد اچڻ لڳو هو. ائين پئي لڳو، ڄڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ساڳيو ئي ڪردار ادا ڪرڻ آئي هئي ۽ سن يت سين وانگر شهيد ڪئي ويندي. سن يت سين جنهن چين ۾ اثرائتي مزاحمت جو بنياد وڌو ۽ حڪمرانن سان ڪيل معاهدي هيٺ هو پيڪنگ ويو هو. حڪمرانن اقتدار عوام جي نمائندن کي منتقل ڪرڻ واري معاهدي ۾ مخلص نه هئا ۽ ان ڇڪتاڻ دوران سن يت سين پراسرار انداز ۾ مري ويو. ان کانپوءِ ئي جدوجهد جون واڳون ڀرپور طور تي مائوزيتنگ سنڀاليون، جنهن جي عظيم قيادت چين جي عوام کي انقلاب جي منزل تائين پهچايو.
سوال اهو آهي ته جيڪڏھن شهيد بينظير ڀٽو اهو ئي ڪردار ادا ڪيو هو ته پوءِ پاڪستان کي هڪ مائوزيتنگ جي جهڙي قيادت ملڻ گهرجي ها، اهڙيءَ طرح ڪنهن اهڙي انقلابي پارٽيءَ جي ضرورت پڻ جيڪا هڪ انقلابي پارٽيءَ واريون سموريون گهرجون پوريون ڪري سگهي ها، پر آصف علي زرداري نه مائوزيتنگ هو ۽ نه پيپلزپارٽي ڪا انقلابي پارٽي، پر پيپلزپارٽي جي عوام ۾ وڏي مقبوليت، ماضيءَ جي ڪردار، هزارن ڪارڪنن جون قربانيون ۽ ان قربانين جي جذبي سان سرشار هئڻ ڪري هڪ انقلابي پارٽيءَ ۾ تبديل ٿيڻ جي پوري صلاحيت هئي ۽ اڄ اها صلاحيت پارٽي مڪمل طور تي وڃائي چڪي آهي.
شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پارٽي اندر ان ڳالهھ کي محسوس ڪيو پئي ويو ته پيپلزپارٽي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حقيقي ترقي پسند نظريي تحت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ترقي پسند ڌرين سان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ گهرجن ۽ پارٽي جون واڳون هيٺين سطح تائين ترقي پسند ڪارڪنن حوالي ڪيون وڃن. ٻاھر ويهي پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۽ وزيرن، مشيرن تي ڇوھ ڇنڊڻ مان ڪجهھ حاصل ڪو نه ٿيندو. هر تنقيد ڀرپور انداز ۾ ٿيڻ گهرجي، پر بدقسمتي سان انهن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هڪ سازش تحت پارٽي مان پاسيرو ڪيو ۽ ڪارڪنن کي تذليل جو نشانو بڻايو ويو.
اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پلان هيٺ پيپلزپارٽيءَ ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي سوچ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريي کي کي ناڪام ڪرڻ ۾ رڌل هئي ۽ آهي، ان جي ڪري ئي نواز شريف کان عمران خان تائين جهڙا رجعت پرست اڳواڻ هنن جا فيوريٽ رهندا پئي آيا . آصف علي زرداري جي حڪومت دوران نواز شريف ان وقت به اسٽبلشمينٽ جو فيوريٽ هو ۽ اڄ به فيوريٽ آهي. آصف علي زرداري جي حڪومت کي ناڪام ڪري نواز شريف کي اڳتي آندو پئي ويو، پر پيپلزپارٽيءَ جا وزير، مشير انهن سمورين سازشن کان لاتعلق اقتدار جا مزا وٺڻ ۾ رڌل هئا، اهڙي ريت پيپلزپارٽيءَ جي اندروني تنظيمي صورتحال تباهه ٿي وئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين خراب آهي ۽ پيپلزپارٽيءَ تي لينڊ گريبرن ۽ ڪرپٽ مافيا قبضو ڪري ورتو، جنهن جو اڄ نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ کانسواءِ باقي صوبن ۾ پارٽي قومي يا صوبائي سطح تي هڪ سيٽ کٽي نٿي سگهي.
خبر ناهي ڪهڙا سبب هئا جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت کانپوءِ جناب آصف علي زرداري پراڻن ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري نَون ۽ سياسي طور غير تربيت يافته ماڻهن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو؟ جيڪو اڄ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پڻ جاري آهي. ان سان پارٽيءَ اندر بد دلي ۽ لاتعلقي وڌي آهي، جيڪو جمود ان وقت محترمه جي اچڻ کانپوءِ ٽٽو هو، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ سياسي جمود ڇانئجي ويو آهي، جنهن کي ٽوڙڻ لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائڻي پئي ۽ سوين ڪارڪنن پنھنجو رت وهايو. آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي وراثت ۾ رڳو پيپلزپارٽي جي قيادت آهي، اهي سموريون قربانيون، جيڪي 1967ع کان وٺي هينئر تائين ڏنيون ويون آهن، اھي مقصد جن لاءِ آهي قربانيون ڏنيون ويون، انهن سمورين قربانين جي وارث هاڻوڪي قيادت آهي. پيپلزپارٽي رڳو ملڪي سياست تي اثر نه ڇڏيا آهن، پر ڏکويل دلين ۽ ڳوڙها ڳاڙيندڙ اکين سان پنھنجو نه ٽٽندڙ تعلق جوڙيو آهي. هي هڪ مقدس مقصد بڻجي وئي آهي. هڪ عقيدي جي صورت اختيار ڪري وئي آهي. پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت توڙي ضلعي قيادت ۽ حڪومت ۾ ويٺل نمائندن کي ان جو ذري جو به احساس نه آهي.
وڏي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته 15 سالن کان هن پارٽيءَ جي صورتحال تمام گهڻي بدتر آهي، پسند نا پسند جو سلسلو جاري آهي. محترمه کانپوءِ اڄ تائين ڪارڪن نظرانداز ڪيا پيا وڃن، بلڪه گهڻين جاين تي ڪارڪنن جي توهين ٿيندي ڏٺي وئي آهي. پ پ جي نمائندن جي گفتگو، ڪم ڪرڻ جو طريقيڪار، ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۾ عوامي رنگ ڪٿي به نظر نٿو اچي، جيڪو پيپلز پارٽي جو سڃاڻ هو. پيپلزپارٽي جي اصل طاقت عوام ۽ ڪارڪن هئا. اڄ اهي صفا بددلي ۽ مايوس آهن. پارٽي ۾ موجود عوام دشمن وڏيرن جو ڇا آهي؟ هو وڃي ڪا ٻي پارٽي ڏسندا، هنن کي ته هر حال ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٿيڻو آهي. ڪارڪنن کي بلاول ڀٽو زرداري پاران قيادت سنڀالڻ کانپوءِ هڪ اميد پيدا ٿي هئي پر اڄ اها اميد به ختم ٿي وئي، بلاول ڀٽو زرداري هن وقت اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو بڻجڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي. عوام بجاءِ هو نواز شريف وانگر فيوريٽ بڻجي اقتدار جي ڪرسيءَ تي پهچڻ چاهي ٿو، جيڪو شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽيءَ جو وڏو الميو آهي.
پيپلز پارٽي جنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ شهيد بينظير ڀٽو ۽ ڪارڪنن پنهنجو رت ڏئي جيڪو نئون جنم ڏنو هو، اُن کي بچائڻ جي ضرورت جيتري اڄ آهي، اها شايد ايتري پهرين نه هئي، باقي هاڻي رڳو هر 4 اپريل ۽ 27 ڊسمبر تي شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جي ورسيءَ تي ڪارڪن اذيتن جا ڳوڙها ڳاڙي دانهن بڻجي حاضري ڏين ٿا!