پي سي بي شان مسعود کي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ آپريشنز مقرر ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود کي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ هڪ ٻي اهم ذميواري ملي وئي.
پي سي بي طرفان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود کي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ آپريشنز مقرر ڪيو ويو آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پاڪستاني ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيم کي اسلام آباد ۾ رات جي ماني دعوت ڏني جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف به شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي محسن نقوي طرفان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود کي اِهو ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.