ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪا رِيسَ؟ شهريءَ جا صورتيءَ مان 7 ارب 65 ڪروڙ نڪري آيا

ابوظبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ هڪ ڀاڳوند شهري 100 ملين درهم جي تاريخي لاٽري کٽي ورتي.
يو اي اي لاٽري انتظاميا في الحال فاتح جو نالو ۽ تفصيل ظاهر نه ڪيا آهن، پر سوشل ميڊيا تي هڪ مختصر آڊيو ڪال جاري ڪئي وئي آهي.
آڊيو ڪال ۾ يو اي اي لاٽري جو نمائندو فاتح کي ٻڌائي ٿو ته ”توهان جيڪ پاٽ کٽي ورتو آهي“جنهن تي فاتح تعجب وچان رڳو ايترو چيو ته ” او ماءِ گاڊ!“ (اي منهنجا خدا!).
فاتح شهريءَ ست ئي نمبر صحيح چونڊي انعام پنهنجي نالي ڪيو، جنهن جي ماليت پاڪستاني ڪرنسي ۾ اٽڪل 7 ارب 65 ڪروڙ 51 لک 64 هزار رپيا ٿئي ٿي.
واضح رهي ته ”يو اي اي لاٽري سسٽم“ اماراتي حڪومت جي مڪمل طور قانوني ۽ منظور ٿيل آهي، جيڪو 2023ع ۾ قائم ڪيل اماراتي گيمنگ ريگوليٽري اٿارٽي جي تحت ڪم ڪري ٿو.
”لڪي ڊي ڊرا“ هر ٻن هفتن ۾ ٿيندو آهي، جيڪو سڌي ريت نشر ڪيو ويندو آهي.
گڏيل عرب امارتن ۾ رهندڙ 18 سال کان وڏي عمر وارا شهري ئي هن لاٽري ۾ حصو وٺڻ جا اهل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.