سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي: گهرو وزير

خيرپور (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي، پوليس اهلڪارن پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي امن بحال ڪيو آهي.
خيرپور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته وڪيلن هميشه ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪچي علائقن جا ڌاڙيل هاڻي ڏوهن جي دنيا کي الوداع ڪري هٿيار ڦٽا ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي، پوليس اهلڪارن پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي امن بحال ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.