ڪا به عزتدار قوم دٻاءَ ۾ اچي فيصلا ناهي ڪندي، آمريڪي پابندين جو روس تي ڪو اثر نه پوندو: پيوٽن

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته روسي تيل ڪمپنين تي آمريڪي پابنديون، روس تي يوڪرين جنگ بند ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش آهن، پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪو به عزتدار ملڪ يا قوم دٻاءَ هيٺ اچي فيصلا نٿي ڪري.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ولاديمير پيوٽن وڌيڪ چيو ته آمريڪي پابندين جو روس تي ڪو خاص اثر نه پوندو.
روسي صدر وڌيڪ چيو ته تيل جي فراهمي ۾ گهٽتائي سبب اگهن ۾ واڌ ايندي ۽ اها صورتحال آمريڪا لاءِ به مسئلا پيدا ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.