¨ اڄ ڪلهه ڊاڪٽر ”ماهه رنگ“ پنهنجي نالي وانگر چنڊ جيان سڄي ملڪ جي سياسي افق تي چمڪي رهي آهي. ماهه رنگ معنيٰ چنڊ جهڙي.سو نالي جي ڇڪ ٿيندي آهي. هن کي چنڊ وانگر پنهنجي روشن ڪردار سان نروار ٿيڻو ئي هو، سا ٿي وئي آهي.
¨ پر سوال اهو آهي ته اها چنڊ جهڙي معصوم ڇوڪري سياسي چنڊ بڻجي ڇو اڀري آهي، ان کي سياسي چنڊ ڪهڙين حالتن بڻايو، هيءَ ته ڊاڪٽرياڻي هئي، هن کي مسيحائي چنڊ ٿي اڀرڻو هو؟ ان جو جواب سندس خوفناڪ سياسي پس منظر آهي، اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي غلط پاليسين ئي کيس مزاحمتي سياست ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
¨ رپورٽن موجب هيءَ پنجن سالن جي هئي، ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي ته کاٻي ڌر سان سلهاڙيل واپڊا ملازم سندس والد کنڀجي ويو جنهن جي بازيابي لاءِ تڏهن ئي هن ڌرڻو ڏنو هو ۽ تقرير ڪندي تڏهن ان ابهم ٻارڙيءَ روئي به ڏنو هو.
¨ سندس والد کي وري 2009ع ۾ کنڀيو ويو ۽ سال 2011ع ۾ سندس چچريل لاش مليو. والد جي شهادت کانپوءِ سندس امڙ پنهنجي هڪ پٽ ۽ چئن ڌيئرن جي تحفظ لاءِ بلوچستان مان ڪراچي لڏي آئي ۽ گمنامي ۾ رهڻ لڳا. پيءُ کانپوءِ ماهه رنگ جو سياسي استاد ذاڪر بلوچ بڻيو جيڪو پڻ اڄ کنڀيل آهي.
¨ ماهه رنگ جي چهري تان اڃان والد جي شهادت واري گرهڻ ختم ئي نه ٿي هئي ته کيس وري اڪيلي پياري ڀاءُ جي کنڀجڻ جو صدمو رسيو. 2016ع ۾ لاپته ٿيل سندس ڀاءُ جي اڃان تائين ڪا خبر ناهي ته اهو ڪٿي آهي.
¨ انهن ٻن ذاتي صدمن کي ماهه رنگ اجتماعي قومي جذبي جي طاقت ۾ بدلايو ۽ سندس سياسي شعور جي به اها تقاضا بڻي ته هوءَ رڳو پنهنجي والد جي انصاف ۽ ڀاءُ جي ڳولها لاءِ نه پر 8 هزار گم ٿيل بلوچن جي ڳولها لاءِ پتوڙي.
¨ هن گهڻو ئي صبر ڪيو، گهڻو ئي انتظار ڪيو، بلوچستان ۾ رهندي گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون نيٺ سندس صبر لبريز ٿيو ۽ هن پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ اسلام ڏانهن هزارين عورتن ۽ ٻارن سوڌو ان نعري تحت پنڌ لانگ مارچ ڪيو ته ”اسان جا مرد ڪٿي آهن، اسان اهو پڇڻ اسلام آباد ٿا اچون، اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسانجا پيئر، مڙس، ڀائر، چاچا، ماما، مٽ مائٽ ڪٿي آهن؟
¨ ماهه رنگ پيادل مارچ دوران خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوندي رهي ته اسانجي ڪا سياسي ايجنڊا ناهي، اسان صرف ۽ صرف پنهنجن ساهه سيباڻن جي مالڪي ۽ آزادي ٿا گهرون.
¨ ماهه رنگ اهو چوندي رهي ته اسان کي اسلام آباد مان انصاف جي اميد نه هئي نه آهي، 76 سالن جي تاريخ اسان ۽ اوهان جي آڏو آهي. اسان صرف پنهنجي بلوچ قوم کي جاڳائڻ لاءِ ۽ دنيا کي زميني حقيقتون ٻڌائڻ لاءِ اسلام آباد آيا آهيون ۽ ان مقصد ۾ ڪامياب به ٿيا آهيون.
¨ اوهان ڏٺو ته اسان بلوچ نياڻين کي اسلام آباد ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو به هڻڻ نه ڏنو ويو، اسان عورتن تي مرد اهلڪارن تشدد ڪيو، عورتن تي هٿ کنيو ويو جڏهن ته اسان جو پرامن احتجاج هو پر ويو سڀ اسان بلوچ نياڻين کي اهو پيغام ڏنو ويو ته اسلام آباد بلوچستان جو ناهي، بلوچ عورتن لاءِ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ جي جاءِ ناهي..
¨ هاڻي ڪير ٻڌائي ته ماهه رنگ ۽ هزارين بلوچ عورتن ۽ ٻارن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، اهي چون ٿيون ته جن جا رت جا رشتا مري ويندا آهن تن کي به هميشه ياد ڪيو ويندو آهي، انهن جون ورسيون ملهايون وينديون آهن، اسان جا ته جيئرا جاڳندا مرد گم ٿيل آهن ته انهن کي ڪيئن وسارينداسين، ڪيئن انهن کي ياد نه ڪنداسين ۽ ڇو نه انهن جي ڳولها ڪنداسين؟
¨ جيڪڏهن ماهه رنگ جي والد جو چچريل لاش نه ملي ها، سندس ڀاءُ لاپتا نه ٿئي ها ته هوءَ هن مزاحمتي رستي تي بيٺل نظر نه اچي ها نه ئي ذاتي صدمن کي اجتماعيت ۾ تبديل ڪري سڀني کنڀي گم ڪيلن جي آزادي جو آواز بڻجي ها.
¨ ڀلا ڪير پنهنجي گم ٿيل گهر ڀاتين جي ڳولها نه ڪندو، انهن جي آزادي لاءِ آواز نه اٿاريندو، جدوجهد نه ڪندو، اهو ته پونئرن جو فطري فرض ۽ اخلاق آهي.
¨ سو بجاءِ ان جي ته ملڪي ادارا، حڪومتون، عدالتون پوليس ۽ قانون لاڳوڪندڙ ادارا متاثر خاندان جي مدد ڪن، سندن روز مرڻ ۽ روز جيئڻ وارو انتظار ختم ڪن، الٽو پيدل مارچ ڪندڙ عورتن ۽ ٻارن تي به تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ بقول ماهه رنگ جي ته هن هلندڙ مارچ مان ئي بلوچ شاگردن کي کنڀيو ويو آهي کانئن مائيڪون کسيون ويون آهن ته جيئن تقريرون نه ڪري سگهن ته پوءِ هاءِ گهوڙا ڪيئن نه ٿيندي، احتجاج ڪيئن نه وڌندو.
¨ ماهه رنگ ۽ هزارين عورتن ٻارن جو ڇا اهو ڏوهه آهي ته اهي پنهنجن مردن جي آزادي جو مطالبو ڪن ٿيون، آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي لاءِ ٿيون آواز اٿارين؟ اهو مطالبو ته خود ملڪ جي مفاد ۾ آهي سو ماهه رنگ ۽ هزارين بلوچ عورتن جو ڪو به مطالبو غير قانوني، غير آئيني۽ غير جمهوري ناهي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته کنڀيل ماڻهن جو ڪو ڏوهه آهي، ڪو ڪيس آهي ته ان جون قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن، جيڪڏهن اهي گهرجون پوريون نه ٿيون ٿين ته ان عمل کي ”لاقانونيت“ ئي چئبو ۽ لاقانونيت خلاف پوءِ جيڪڏهن ڪير آواز اٿاريندو، مزاحمت ڪندو ته ظاهر آهي ته جڳ ان کي ”هيرو“ چوندو. ماهه رنگ کي اڄ جي سورمي ئي چيو ويندو .جيڪا ٿي چڪي آهي.