سياست ۾ انتهاپسندي رويا

تحرير: سراج ڪلھوڙو

اھو اجايو الزام نه آهي پر اھا حقيقت آھي ته بلوچ قومي تحريڪ جا داعي ڪردار اڪثر ڪري نسل پرستيءَ  کي ھوا ڏيندا رھيا آھن. پر سنڌ جي قومي تحريڪ اھڙي علت کان ھميشه محفوظ رھي آھي. باوجود ان جي ته نه رڳو موجوده بلوچستان پر سمورو پاڪستان ۽ ايران افغانستان ۽ ھندستان جا ڳچ حصا ويجهي ماضيءَ  تائين سنڌ جو حصا رھيا آھن پر سنڌ جي قومي تحريڪ موجوده سنڌ تائين ئي پنهنجي دعويداري ڪندي رھي آھي. ستر اسيءَ  واري ڏھاڪي ۾ سبي، لسٻيلي سميت ٻين علائقن جي ماڻھن سائين جي ايم سيد سان رابطو ڪري اتي سنڌ جي قومي تحريڪ کي منظم ڪرڻ جي دعوت ڏني ھئي ته سائين جي ايم سيد کين منع ڪندي چيو ھيو ته ھن وقت توھان بلوچستان جو حصو آھيو تنھن ڪري بلوچ قومي تحريڪ ۾ پنھنجون خدمتون وقف ڪريو.

ڪجھه وقت اڳ مون کي جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين اختر ڪاڪيپوٽو ٻڌايو ته سندس نوڪريءَ  جو سمورو عرصو بلوچستان ۾ گذريو آھي ، جتان جا ماڻھو اسان کي ڏاڍو چوندا ھئا ته اسان کي پنھنجي تنظيم ۾ شامل ڪريو ، پر سائين جي ايم سيد جي اسان کي منع ٿيل ھئي ته اھو عمل درست نه آهي. تنھنڪري اسان موجوده بلوچستان جي خالص سنڌي آباديءَ  ۾ به جيئي سنڌ محاذ يا سنڌي پورھيت سنگت توڙي جساف وغيره جي تنظيم نه جوڙي سين.  اسان جي انڪار جي نتيجي ۾ اتان جي سنڌي ماڻھن پاڻ ھرتو وڃي ڄاموٽ قومي موومينٽ جوڙي ورتي . پر اھا سنڌ جي قومي تحريڪ سان لاڳاپيل نه آهي. اها بلوچستان جي اھڙي تنظيم آھي جھڙي بروھين جي تنظيم وغيره.

نه رڳو سائين جي ايم سيد پر اڄ تائين ٻين سنڌيت جي پرچار ڪندڙ ڌرين پڻ نسل پرستيءَ  واري سياست کان ھميشه پرھيز ڪئي آھي جڏھن ته ان جي ڀيٽ ۾ بلوچ قومي تحريڪ سڄي سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان نسل پرستيءَ  جي مرتڪب ٿيندي رھي آھي.  جاچ ڪري ڏسبي ته وڏا وڏا بلوچ قومي تحريڪ جا نالا اھڙيون ڪوششون ڪندي نظر اچن ٿا. مختلف قسم جون بلوچ تنظيمون ۽ تعليمي ادارن ۾ بي ايس او وغيره جوڙي ٺيٺ سنڌي شاگردن کي به اٻوجهائپ ۽ سادگيءَ  جي ڪري بي ايس او جو ميمبر به ڪري نه رڳو بي ايس او جا يونٽ کوليا ويا پر ٽڪراءَ واري صورتحال پڻ پيدا ڪرائي وئي.

سنڌ جي قومي تحريڪ توڙي بلوچ قومي تحريڪ  ۾ ويڇا ڪنھن به طرح مظلومن جي فائدي ۾ نه ٿا ٿي سگهن. تنھن ڪري ان ساڳئي سوچ جي توقع بلوچ قومي تحريڪ کان به سنڌ جو شعور  ڪري ٿو.

ھونئن ھڪڙي ٻي ڳالھه به سنڌ جا قومي ڪارڪن محسوس ڪندا رھيا آھن ته ماضي توڙي حال ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ بلوچ قومي قيادت کي ھميشه وڏو پروٽوڪول ڏيندي  ۽ سندن لاءِ اسٽيجون سجائيندي رھي آھي پر سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ بلوچ قومي تحريڪ ساڳيو خير مقدم ڪرڻ واري عمل کان ڪجهھ پوئتي محسوس ٿيندي رھي آھي.

بلوچ نسل پرستيءَ  واري سياست سبب ماضيءَ  ۾ ته سنڌ اندر قتل ۽ رت وهائڻ جھڙا عمل به بلوچ قومي تحريڪ جي نسل پرستيءَ  ۽ غير سنجيدگيءَ  واري عنصر جون ساکي آھن . مثال طور اسيءَ  واري ڏهاڪي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي اندر بي ايس او جي حملي  ۾ جساف جو مير اشتياق ٽالپر شھيد ٿي ويو ھو  ۽ ڪيترائي جيئي سنڌ جا ڪارڪن زخمي ٿيا هئا.ٻيو به ھڪڙو واقعو  ياد اچي ٿو ته نوي واري ڏهاڪي وارھ شھر ۾ بي ايس او ۽ سنڌي تنظيمن وچ ۾ جهيڙو ٿيو جنھن ۾ ٻنھي طرفن کان بروھي قبيلي جا نوجوان زخمي ٿيا.

بي ايس او جو تڏھوڪو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ايوب بلوچ لاڙڪاڻي پھتو ۽ ھن رابطو ڪندي چيو ته خبر پئي آھي ته وارھ ۾ جيئي سنڌ محاذ جا دوست ئي وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا آھن تنھن ڪري اچو ته گڏجي ويهي ان مامري کي نبيريون. آءٌ ساڻن ملڻ لاءِ ايشيا ھوٽل لاڙڪاڻي ۾ سندس ڪمري ۾ پھتس جتي ڏھ پندرھن ھمراھ ساڻس گڏ ھئا. خوش خير عافيت کان پوءِ اصل موضوع تي آيا سين ته چيائين بلوچن ۽ سنڌين جا تاريخي ناتا آھن . پر سنڌي قوم پرست سدائين اسان کي ايم ڪيو ايم ۽ پي پي آءِ ( پنجابي پختون اتحاد) جي تنظيمن جيان ڏسندا رھيا آھن. جتي ڪٿي اسان جي تنظيم جي دوستن سان وڙھندا رھن ٿا.

مون کيس چيو ته پھرين ڳالهھ اھا ته خبر نه آھي ته تازو وارھ وارو جهيڙو ڇو ٿيو آهي ؟ اسان سوير ئي ماڻھو موڪليو آھي جيڪو واپس نه موٽيو آھي . باقي توھان جي ڏنل ميار يا الزام جي موٽ ۾ عرض ھي آھي ته ٿورڙو غور ڪريو ته اسان کي ايم ڪيو ايم يا پي پي آءِ سان اختلاف ڪھڙو آھي ؟

اسان جو ايم ڪيو ايم يا پي پي آءِ سان اختلاف اھو آھي ته ھو ڪيترا ڏھاڪا سنڌ ۾ رھڻ باوجود به پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ  سان ڳنڍي سنڌي ٿيڻ لاءِ تيار نه آھن . ھو ته صرف چند ڏھاڪا اڳ آيا آھن . توھان ته انھن ماڻھن کي سنڌيت کان منحرف ڪرڻ جي حرڪت ڪيو ٿا جيڪي ھزارين سالن کان ھن ڌرتيءَ  جا وارث آھن .

 

اسان جو ايم ڪيو ايم يا پي پي آءِ سان اختلاف اھو آھي ته ھو ڪيترا ڏھاڪا سنڌ ۾ رھڻ باوجود به پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ  سان ڳنڍي سنڌي ٿيڻ لاءِ تيار نه آھن . ھو ته صرف چند ڏھاڪا اڳ آيا آھن . توھان ته انھن ماڻھن کي سنڌيت کان منحرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا جيڪي ھزارين سالن کان ھن ڌرتيءَ  جا وارث آھن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.