اسرائيل جي جاري جارحيت جي حوالي سان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ھڪ نئون تڪرار سامھون اچي ويو آھي.آمريڪي فوج جو چوڻ آھي تھ ڇنڇر ڏينھن ايران مان ڇڏيل ڊرون هندي سمنڊ ۾ هڪ ڪيميائي ٽينڪر کي نشانو بڻايو آھي.
آمريڪا جي دفاع واري کاتي پينٽاگون چيو آهي ته ”ڪيم پلوٽو“ نالي هڪ جهاز کي ھندي سمنڊ جي ڪناري کان 200 ناٽيڪل ميل ( يعني 370 ڪلوميٽر) پري کان مقامي وقت موجب صبح 10 وڳي ڊرون سان نشانو بڻايو ويو.جنھن بعد جهاز ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.ايران اڃا تائين ان حملي تي ڪو تبصرو نه ڪيو آهي.
فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تازي جنگ کانپوءِ يمن ۾ ايران جي حمايت يافته حوثي باغين تازو ئي ڳاڙھي سمنڊ ۾ بحري جهازن تي ڊرونز ۽ راڪيٽن سان حملي جو سلسلو شروع ڪري رکيوآهي.جڏهن ته هي پهريون ڀيرو آهي جو ھندي سمنڊ ۾ موجود هڪ مال بردار جهاز کي هندي وڏي سمنڊ مان نشانو بڻايو ويو آهي.
يو ايس سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته ھڪ ٻئي واقعي ۾ ڇنڇر جي ڏينھن ئي يمن جي حوثين جي قبضي واري علائقي ڳاڙھي سمنڊ ۾ موجود عالمي جھازراني جي رستي ۾ ٻھ حوثي اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا پر انهن سان ڪنهن جهاز جي نشاني بڻجڻ جو اطلاع نھ مليو آھي.
اهو پڻ چيو ويو آهي تھ علائقي ۾ گشت ڪندڙ ، يو ايس ايس ليبون جنگي جهاز،يمن جي حوثين جي ڪنٽرول وارن علائقن مان نڪرندڙ چئن بنا پائليٽ ڊرونز کي ماري ڪيرايو ھو، جن جو رخ آمريڪي ٻيڙي طرف ھو.
ساڳئي ڏينهن هڪ خام آئل کڻي ويندڙ ٽينڪر کي ڏکڻ ڳاڙھي سمنڊ ۾، حوثين جي ڊرون جي ٽڪرائجڻ جا اطلاع مليا، جڏهن ته ٻيو ٽينڪر حملي کان ذري گھٽ بچي ويو.
يمن جي گھڻي علائقي تي قابض حوثي باغين جي دعويٰ آھي تھ اهي غزا ۾ جاري جنگ ۾ اسرائيل سان تعلق رکندڙ جهازن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.
نومبر ۾ ڳاڙھي سمنڊ ۾ حوثين هڪ ڪارگو شپ کي اغوا ڪري ورتو ھو .جنھن جي ملڪيت جون ڪڙيون اسرائيل سان ملن ٿيون.حملن جي خطري سبب ڪيترن ئي وڏي عالمي شپنگ گروپن ڳاڙھي سمنڊ ۾ آمدرفت بند ڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان ڪري ڪمپيوٽرن کان وٺي بوٽن تائين ھر شي جي مھانگي ٿيڻ جو امڪان آھي.ڇاڪاڻ ته سوئز ڪينال کان سواءَ ٻيو رستو يعني ڪيپ آف گڊ هوپ وارو رستو آھي. جنھن سان سامان ايشيا کان يورپ پهچڻ ۾وڌيڪ وقت سان گڏ لاڳت بھ وڌيڪ ايندي.