هن ملڪ ۾ جڏهن به ڀڃ ڊاهه يا ملڪي سالميت جي ڳالھه ڪندا آهن ته اهي مظلوم قومون پاڻ کي ماضيءَ جي بنگالين سان گڏ کڻي بهاريندا آهن، جن سان اهي ئي استحصالي قوتون هيون جن انهن سان به اهڙيون عقوبتون ڪيون هيون جيڪي هاڻي ڪن ٿا پيا پر ڳالھه اها به آهي ته ڪير به سُک ۾ نه ٿو روئي نه ئي پيٽ ڍائيو ڪڏهن روڊن تي نڪري احتجاج رڪاڊ ٿو ڪرائي. جيڪي قومون ۽ طبقا سک ۽ چَين جي زندگي ٿا گذارن اهي ڪڏهن به تحريڪ نه ٿا هلائين. پنجاب ۾ اهڙي ويڌن ناهي جو اهي بنيادي حقن جي لاءِ اٿي کڙا ٿيندا هجن. ڇو ته جيترا حق ۽ واسطا پنجاب جا مرڪز تي آهن شايد ڪنهن ٻي قوم جا هجن. ان ڪري انهن بنگلاديش مان جان ڇڏائي ته اهي پاڻ آجو ڪري پنجاب جي بالادستي مڃائي ويهن. پوءِ ڀلي ون يونٽ هڻن، مارشل لا هڻن، ڪارا دور هلائن. انهن لڪيل استحصالي قوتن کان ڪير به پڇا ڪرڻ وارو ناهي. هاڻي جي ٿرڊ ورلڊ ڪنٽريز کي ڏسجي ته هڪ ڳالھه سمجهھ ۾ ايندي ته هي سڀ ملڪ “مليٽرائيزڊ“ ٿي ويا آهن.
مرڪز صوبن، قومن ۽ مظلوم طبقن مان ايترو ته خوفزده ٿي ويو آهي جو ڪنهن کي به اسلام آباد انٽري هڻڻ نه ٿا ڏين. اهي قوتون سمجهن ٿيون ته انهن جا ڪنگرا ڪري پوندا، ان ڪري چون ٿا ته ڪا به قوم اسلام آباد جو رخ نه ڪري. ڪا به قوم جي اسلام آباد ۾ پير رکندي ته ملڪي لاانفورسمينٽ ايجسنين جي هٿان يا ته مارجي ويندي يا هٿيڪي ڪئي ويندي. ان ڪري سڀ خاموش ٿي ويهو، ڪير به پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ اسلام آباد جو رخ نه ڪري. اهي قومون جيڪي سمجهن ٿيون ته انهن جا ڳڀرو جوان ماريا ٿا وڃن ۽ مارڻ وارا ٻيا ڪي به نه پر اهي آهن جيڪي اسلام آباد ۾ آهن، مرڪز پوءِ به تنبيھه ٿو ڪري ته اهي قومون ڪوشش به نه ڪن ۽ آواز به نه اٿارن، ڇو ته طاقتور ماڻهن جي مرضي آ ته اهي ڪجھه به ڪن ۽ ڇا به ڪن. اهي ڪنهن به صوبي جي زمين (سواءِ پنجاب جي زمينن جي) کڻي سي پيڪ کي ڏين، پنجابي انويسٽرن کي ڏين، ڪنهن عرب شهزادن کي گفٽ ڪن يا اماراتي عرب ڪمپنين کي ڏين، انهن جي پنهنجي پاليسي آ. اها ڳالھه به سامهون آهي ته هيل تائين ڪا پنجاب جي زمين جي ڪنهن سنڌي، بلوچ، پٺاڻ، سرائيڪي کي دانُ ناهي ڪئي وئي، اها پنجابي ڌرتي رڳو انهن جو ئي حق آ ۽ اهي ئي انهن جا حقيقي مالڪ ۽ وارث آهن. ان ڪري مرڪز جيڪي به فيصلا ڪري انهن ۾ ڪنهن به صوبي جي قومپرست ڌر کي اها مجال نه هجي ته اهي ڪنهن به صورت مداخلت ڪري سگهن ۽ اهي استحصالي قوتن جي خلاف آواز بلند ڪري سگهن. اها ڳالھه ڏکائي ٿي ته اهي مظلوم قومون جڏهن پنهنجن پيارن جي ڳولها جي لاءِ روڊن رستن تي نڪري اسلام آباد ڏي پيادل مارچ ڪن ته به انهن جي آواز کي ڪير ڪنِ نه ٿو لائي. اهي مظلوم قومون ڪنهن صورت ڪو جلسو جلوس ڪڍي ملڪي طاقتور ۽ استحصالي قوتن کي للڪارن ٿيون ته به سندس دال نه ٿي ڳري. ان ڪري ڪنهن به طبقي جي ماڻهن جو آواز به انهن استحصالي قوتن جي ڪَنِ نه ٿو پئي، مظلوم ماڻهن جو گم ٿيڻ هجي يا مظلوم قومن جا چچريل لاش سندن گهر موڪلن ، ان ڪري اهي سڀ استحصالي قوتون اهو چاهن ٿيون انهن کي ڪير ڪجھه به چئي.
پر مسئلو اهو به آهي ته صوبن جي سمنڊن کي کپائي ناڙ ٿا ڪن، روڊ رستا وڪڻي ناڻو ٿا ڪمائين، ملڪي ادارا ڀڳڙن مٺ تي غيرملڪين يا پنجابي سيڙپڪارن کي ڏئي ٿا ڇڏين، بلوچن جي پيرن هيٺان گيس کسڪائي کڻي ٿا وڃن،سندن قدرتي وسيلا هڙپي بلوچ عوام کي نڌڻڪو ٿا ڪن پر ڪير ڪڇڻ وارو ناهي جي ڪير ڪڇي ٿو ته گولي جو کاڄ ٿي ٿو وڃي يا کنڀجي ٿو وڃي ۽ پوءِ چچريل لاش، پر سوال اهو آهي ته جي اهو هن رياست جو ڪم ناهي ته پوءِ ڪير آ جيڪو هن رياست کان به ڏاڍو آ. ڳالھه اها به آهي ته پنجاب جي اندر انهن استحصالي قوتن جو اهڙو ئي ڪم جيڪو اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ته اهي قوتون جيترو قهر ٻين صوبن جي مٿان ڪن ٿيون اهو ساڳو قهر پنجاب جي مٿان به ڪنديون هجن. وري ٻي ڳالھه اها به آهي ته اين ايف سي ايوارڊ کان وٺي صوبن جي بجيٽ ۾ انصاف جي ڪيتري پورت ڪئي ٿي وڃي جنهن ۾ اهو سمجهون ته ملڪي استحصالي قوتون، ڳجها هٿ هاڻي پنجابين جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهجن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آ ته صوبن جي اهڙي حال ڪرڻ کانپوءِ صوبا جي اليڪشن جو ئي بائيڪاٽ ڪري ويهن ته پوءِ رياست جو ڇا ٿيندو يا رياست پوءِ انصاف جا ڪهڙا در کوليندي جنهن مان انصاف جون سڀ گهرجون پوريون ڪري سگهبيون. خدشو اهو به آهي ته اهي استحصالي قوتون صوبن جي وڏيرن، سردارن، ڪرپٽ عملدارن، سياستدانن سان لڪ ڇپ ۾ ڪي معاهدا طئي ٿيون ڪن جن جي ڪا خبرچار نه ٿي پئي، جنهن ۾ اهي قدرتي وسيلن جي “رائلٽي“ وٺي انهن سڀني آوازن کي ئي خاموش ڪرائي ٿا ڇڏن. يا جيڪي نام نهاد اڳواڻ اسيمبلين ۾ ويهي ڪاڪڙو ڦاڙي ڳالهائيندا آهن پر ٻئي ڏينهن وري خاموش ٿي ويندا آهن. ڇو ته اهي رڳو پنهنجن ”ويسٽيڊ انٽريسٽ“ لاءِ جيئن ٿا ۽ پنهنجي لالچ ۽ لوڀ جي لاءِ سياست ڪندا ٿا رهن. اهي جڏهن پنهنجا ڀڀ ڀري ويهن ٿا ته پوءِ اهي عوام کي به ائين خاموش ٿا ڪرائين جنهن مان لڳندو آ ته اهي تعليم، صحت، بنيادي سهولتن جون بجيٽون، ترقياتي بجيٽون، اٽي، لٽي ۽ اجهي جو بجيٽون رڳو ڪاڳرن ۾ ٿا هلائن ۽ جڏهن سول سوسائٽي جا نمائندا روڊن تي نڪري اسلام آباد جو رخ ٿا ڪن ته انهن استحصالي قوتن جي نڙي خشڪ ٿي وڃي ٿي ۽ اهي سمجهن ٿا ته انهن کي خاموش ڪرائجي پوءِ بلوچن جون نياڻيون جيل وڃن يا سنڌي ڳڀرو جوان چچري چچري ماريا وڃن .
پرويز مشرف پنهنجي سوانح عمري ”ان دي لائن آف فائر“ ۾ واضح طور تي اعتراف ڪيو آهي ته ”جبري گمشدگيون“ رياست جي اڻ اعلانيل پاليسي آهن. ۽ انهن گمشدگين ۾ هٿياربند جٿن جو ملوث هجڻ انساني حقن ۽ عام شهرين جي آزادي جي ڀڃڪڙي آهي. رياستي قوتن کي ان ڳالھه جي ڪا ڳڻتي ناهي پر ائين ڪري رياست قانون جي حڪمراني کي ڪمزور ٿي ڪري. جنهن ۾ رياست جا پنهنجا ماڻهو محفوظ ناهن، حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ماڻهن جي بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ خاموش آهن ۽ ڪو اثرائتو ۽ نمايان قدم نه ٿا کڻن. وري مصيبت اها به آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا لاپتا ماڻهن جي خاندانن جون تصويرون يا انهن جي مصيبتن کي نه ٿي ڏيکاري ۽ انهن جي اذيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا نه ٿي ڪري. ائين ٿو لڳي ته رياستي طاقت جو بدترين ۽ غلط استعمال ٿو ٿئي ۽ گڏوگڏ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪن، بنيادي حقن واري ڳالھه کي نظر انداز ٿا ڪن ۽ پنهنجن ارادن کي ترجيح ٿا ڏين. ان ڪري مظلوم قومن جي ڳالھه کي اوليت نه ٿا ڏين. جتي درخواست ڏيندڙن بلوچن جا پيارا غائب آهن اتي رياست هن وقت تائين انهن کي مطمئن ڪرڻ ۾ پنهنجي آئيني ذميواري ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. توڙي جو گمشدگيون ”جبري گمشدگيون“آهن پر رياست انهن آوازن کي خاموش ڪرائڻ ٿي چاهي جيڪي پنهنجن حقن جي لاءِ روڊن تي نڪري ٿا اچن. هيل تائين رياستي طاقت جي غلط استعمال ۽ مظلوم قومن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي اهڙي بدترين شڪل سان سامهون آئي آهي جيڪا اڳ ڪڏهن به نه هئي. ان ڪري اهو معاملو انساني حقن جي تنظيم تائين پڄايو وڃي ۽ معاملن جي چڱي طرح جانچ ڪرائي وڃي. ڇو ته هيل تائين هزارين شهرين جي گم ٿيڻ جون خبرون آهن.
اها ڳالھه به سامهون آهي ته هيل تائين پنجاب جي ڪا به زمين ڪنهن سنڌي، بلوچ، پٺاڻ، سرائيڪي کي دانُ ناهي ڪئي وئي، ان ڌرتي تي رڳو انهن جو ئي حق آ ۽ اهي ئي انهن جا حقيقي مالڪ ۽ وارث آهن. ان ڪري مرڪز جيڪي به فيصلا ڪري انهن ۾ ڪنهن به صوبي جي قومپرست ڌر کي اها مجال نه هجي ته اهي ڪنهن به صورت مداخلت ڪري سگهن ۽ اهي استحصالي قوتن جي خلاف آواز بلند ڪري سگهن.
اها ڳالھه ڏکائي ٿي ته اهي مظلوم قومون جڏهن پنهنجن پيارن جي ڳولها جي لاءِ روڊن رستن تي نڪري اسلام آباد ڏي پيادل مارچ ڪن ته به انهن جي آواز کي ڪير ڪنِ نه ٿو لائي.