شهباز شريف، فضل الرحمان، بلاول ڀٽو، پرويز الاهي، مريم نواز ۽ حمزا شهباز نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي /حيدرآباد /سکر ( نمائندن وٽان )  پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي اين اي 194 ۽ شهدادڪوٽ جي اين اي 196 لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا جڏهن ته بلاول اين اي 127   تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ سندس گهر واري قيصرا الاهي اين اي 64 ۽ پي پي 32 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. مونس الاهي تڪ اين اي 64 جڏهن ته سمير الاهي صوبائي تڪ پي پي 32 ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. مولانا فضل الرحمان به اين اي 44 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. مولانا فضل الرحمان اين اي 44 تان چوندن ۾ حصو وٺندو. مولانا سعد محمود اين اي 44 تي مولانا فضل الرحمان جو ڪورنگ اميدوار هوندو. اين اي 118 تان (ن) ليگ جي حمزا شهباز، پي ٽي آءِ جي محمد خان مدني نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، اين اي 119 تان مريم نواز، عليم خان سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 120 تان مريم نواز، خواجه سعد رفيق، اياز صادق، عطا تارڙ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 122 تان پي ٽي آءِ جي باني، لطيف کوسو، اظهر صديق نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 123 تان شهباز شريف، پي ٽي آءِ جي افضال پاهت، جماعت اسلامي جي لياقت بلوچ سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا.  اين اي 129 تان حماد اظهر، مهر اشفياق ،بجاش نيازي سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 130 تان نوازشريف، ياسمين راشد، اقبال خام سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.