چونڊن کان پوءِ ميان صاحب جو نعرو هوندو ته مون کي ڇو گهرايو: بلاول

لاڙڪاڻو ( ڊ ر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندا، پر سياسي پارٽين سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جون ڳالهيون نه ٿيون آهن. پيپلز پارٽي ڪنهن به سياسي پارٽي سان اتحاد ناهي ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي سياسي انتقام تي يقين نٿي رکي. مان ڪنهن به سياستدان خلاف سياسي انتقام جي حق ۾ نه آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي رليف ملي رهيو آهي. سائفر ڪيس ۾ سيڪيورٽي جي وڏي ڀڃڪڙي ٿي آهي. ججن کي پاڻ پڇا ڳاڇا ڪرڻ گهرجي ته اها ڳالهه ڪيئن سامهون آئي؟ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سائفر ڪيس هڪ سنگين مسئلو آهي، صرف هڪ سائفر جون چند ڪاپيون ٺاهيون وينديون آهن. جيڪڏهن اهڙا دستاويز سامهون آيا ته قومي سلامتي کي خطرو آهي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ”نواز شريف جو نعرو هو ته مون کي ڇو ڪڍيو ۽ هاڻي اليڪشن کانپوءِ نعرو لڳندو ته مون کي ڇو گهرايو؟  هن دعويٰ ڪئي ته مان اليڪشن وڙهان پيو ڇو ته پاڪستان جو عوام هن وقت ڏکيائين ۾ آهي. اميد اٿم ته جيئن ماضي ۾ عوام قائد ايوان ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو ساٿ ڏنو آهي، اهڙي ئي روايت جاري رکندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.