”غداري“ جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ واري روش

تحرير: شفيق الرحمان شاڪر

دنيا جي تاريخ تي نظر وجهبي ته  ڪيترائي اھڙا نالا ملن ٿا جن پنھنجي ذات خاطر ملڪي ۽ قومي مفادن کي وڪڻي ڇڏيو.عالمي رپورٽ موجب دنيا جو سڀ کان وڏو غدار آندري ويلاسوف آھي.ھي اھڙو ويڙھاڪ ھو جيڪو ماسڪو کي ھٽلر جي قبضي کان بچائڻ گهرندو ھو پر لينن مارٽ لاءِ  جنگ ڪندي آندري جرمن فوجين جي ور چڙھي ويو،گرفتار ٿيڻ بعد ھن جرمن فوجن کي پنھنجي ملڪ جي باري ۾ حساس معلومات ڏيڻ شروع ڪري ڏني ۽ روسي فوجن کي نقصان پھچايو.

تاريخ جو ٻيو وڏو غدار وٽڪن ڪسلنگ چورائي ٿو.1942ع ۾ ناروي جو صدر بڻيو ۽ صدارت جي تخت تان ئي ھن کي ڦاسيءَ  جي تختي تي ٽنگيو ويو.ڪسلنگ جو تعلق به  نارويجين فوج سان ھو.1940ع ۾ ڪسلنگ ھٽلر سان ملاقات ڪئي ۽ ناروي جي صدارت بدلي ھن پنھنجي ئي فوج ۽ ملڪ خلاف ڪاروائي ڪندي ناروي جي فوج کي شڪست ڏيئي صدارت سنڀالي.

ٽيون وڏو غدار مير جعفر آھي جيڪو اسان جي تاريخ جو اھم ڪردار آھي.ھن برطانوي فوج جي سربراھ رابرٽ سان ملي پلاسيءَ  جي جنگ ۾ مسلمانن جي شڪست جو سبب بڻيو.اھو مير جعفر ئي ھو جنھن انگريزن کي ننڍي کنڊ تي ٻن سو سالن تائين قابض رھڻ لاءِ  رستو مھيا ڪيو.

اھڙيءَ  طرح غدارن جي ڊگهي فھرست ۾ چين جو چن ھوئي، يونان جو ايفليٽس ٽريچنر،آمريڪي بينٽ آرنلڊ ۽ فلپائين جو ايميليو اوگونالڊ عالمي رينڪنگ ۾ پھرئين نمبر جا غدار آھن.اھي ڪجھه ھ نالا اھڙا آھن جن پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي خلاف قدم کنيا ۽ تاريخ انھن کي غدار قرار ڏنو.

اھڙيءَ  طرح پاڪستان جي تاريخ تي نظر ڊوڙايون ته  پاڪستان جي قيام بعد 1951ع ۾ غداريءَ  جو پھريون مقدمو مشھور شاعر فيض احمد فيض خلاف ٺھيو جنھن تي الزام ھو ته  ھن پاڪستان جي پھرئين وزير اعظم لياقت علي خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۾ حصو ورتو جنھن کي ”راولپنڊي سازش ڪيس“ به  چيو وڃي ٿو.ان ڪيس ۾ فيض احمد فيض کي چار سال قيد ۾ رکيو ويو.ان کان پوءِ  خان عبدالولي خان تي 1975ع ۾ غداريءَ  جو ڪيس داخل ٿيو. ولي خان پشتون اڳواڻ ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ  جو سربراھ ھو.ھن تي پيپلز پارٽيءَ  جي حيات شيرپائو جي قتل جي الزام سان گڏ آزاد پختونستان ۽ گريٽر پختونستان لاءِ  ڪم ڪرڻ جو الزام ھو.ولي خان ۽ سندس 51 ساٿين تي غداريءَ  جو مقدمو داخل ڪيو ويو ۽ کين قيد ڪيو ويو.1978ع ۾ جڏھن ان وقت جي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ کي قومپرستن جي حمايت جي ضرورت پيئي ته  ھن ولي خان سميت سندس 51 ساٿين کي ”محب وطن“ جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي کين آزاد ڪري ڇڏيو.

2003ع ۾ مسلم ليگ نون جي جاويد ھاشميءَ  خلاف غداريءَ  جو ڪيس جڙيو ۽ کيس 3 سالن لاءِ  جيل ڀوڳڻو پيو.جاويد ھاشميءَ  تي الزام ھو ته  ھن ڪنھن حاضر سروس آرمي آفيسر جو خط ليڪ ڪيو جو ان وقت جي آرمي چيف جي آمريڪا نواز پاليسين جي خلاف ھو.جاويد ھاشميءَ  کي ٽن سالن کان پوءِ  ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.مڪافات عمل ڏسو ته  ساڳئي پرويز مشرف تي 2014ع ۾ سنگين غداريءَ  جو ڪيس داخل ٿيو.اھو ملڪي تاريخ ۾ ڪنھن به  آرمي چيف خلاف غداريءَ  جو پھريون ڪيس ھو، پرويز مشرف خلاف 3 نومبر 2007ع ۾ ايمرجنسي نافذ ڪري آئين معطل ڪرڻ جو الزام ھو، ان ڪيس ۾ ڊسمبر 2019ع ۾ پرويز مشرف کي ڦاسيءَ  جي سزا ٻڌائي ويئي توڙي جو بعد ۾ لاھور ھائي ڪورٽ طرفان اھا سزا معطل ڪئي ويئي.

پاڪستان ۾پنھنجي مرضيءَ  سان غداريءَ  جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ ۽ پنھنجي مرضيءَ  سان ساڳين ئي ماڻھن کي محب وطن قرار ڏيڻ واري راند تمام پراڻي آھي ۽ ھن وقت تائين جاري آھي.غداريءَ  جي الزامن واري فھرست ۾ پھرئين نمبر تي سياستدان پوءِ  صحافي،شاعر،اديب ۽ پنھنجا حق گهرندڙ ماڻھو يا گروھ شامل رھيا آھن. ميان نواز شريف ۽ سندس خاندان جي فيڪٽرين ۾ ڀارتي ايجنٽن جي ڪم ڪرڻ جون خبرون ھلايون ويون.محترمه  بينظير ڀٽو کي ملڪ لاءِ  سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ويو.ڪيترن ئي ميڊيا چينلز کي ٻاھرين ملڪن کان فنڊ وٺڻ جي الزام ھيٺ ملڪ دشمن ۽ غدار قرار ڏنو ويو.تحريڪ انصاف جي ڪجھه  اڳواڻن تي بھ اھڙي قسم جا الزام آھن.

ھن وقت ملڪ ۾ مسنگ پرسنس جي حوالي سان جيڪا صورتحال آھي پوري دنيا ۾ تنھن پاڪستان جي ساک خراب ڪري ڇڏي آھي.جيڪي به  ماڻھو گم ڪيا وڃن ٿا انھن تي ”غداري“ ۽ ”ملڪ دشمني“ جا الزام ھنيا وڃن ٿا.اھي الزام سچا آھن يا ڪوڙا انھن جو فيصلو ڪير ڪندو؟ عدالتن کي ڪرڻ گهرجي يا چند ماڻھن جي گروھ کي؟ غداريءَ  جا سرٽيفڪيٽ ورھائيندڙن اوڀر پاڪستان جي ماڻھن سان جيڪو سلوڪ ڪيو اھو ھاڻي ڪو راز نھ رھيو آھي.ساڳيو ئي سلوڪ ننڍن صوبن جي مختلف قوميتن سان اڄ به  جاري آھي.بلوچستان ۽ ڪي پي توڙي سنڌ جي ماڻھن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اڄ به  جاري آھي.اھائي الزامن جي نوعيت، اھا ئي غداريءَ  جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ واري پراڻي ريت،اھو ئي ماڻھن کي سندن بنيادي حق گهرڻ تي طاقت جو غير ضروري استعمال، دنيا جي ڪابه  رياست پنھن جن شھرين سان اھو سلوڪ نھ ڪندي آھي جيڪو اسان جي پياري ملڪ ۾ ھڪ گروھھ پھرئين ڏينھن کان جاري رکندو پيو اچي.شايد اسان جي ان مقتدر گروھ اڃا تائين دل سان اھو تسليم ئي ناھي ڪيو ته  پاڪستان مختلف قوميتن جو ھڪ وفاق آھي،اھا ڪنھن فرد يا گروھ جي ذاتي جاگير ناھي.ھتي فيصلا اھي ئي پائيدار ٿي سگهن ٿا جن ۾ ننڍن صوبن جي راين کي ھڪ جھڙي اھميت ڏني وئي ھجي.تعصب جي عينڪ پائي ۽ پنھنجن ئي ماڻھن کي غدار قرار ڏيڻ واري ذھنيت سان ڪيل سمورا فيصلا طاقت جي زور تي ڀلي عمل ۾ به  آندا وڃن پر اھڙا فيصلا قومي فيصلن واري حيثيت حاصل ڪري نٿا سگهن.ھي جو ماڻھن کي ” ملڪ جي سلامتي“ وارا ڀاشڻ روز ورجايا وڃن ٿا ان خود فريبيءَ  مان ٻاھر نڪري حقيقتن کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ وڏي ۾ وڏي حقيقت اھا آھي ته  پاڪستان ۾ رھندڙ مختلف قوميتن کي ھن وقت نھايت مايوسيءَ  ۽ بيوسيءَ  جو احساس آھي. اھا مايوسي ۽ بيوسي ھاڻي غصي ۽ بيزاريءَ  جو روپ اختيار ڪندي ٿي وڃي.وقت اچي ويو آھي ته  مقتدر ڌريون پنھن جي سوچ ۽ روين تي ڪجھه  نظرثاني ڪن ۽ مسئلن ۽ مونجهارن جي پائيدار حل لاءِ  ڪنھن گرينڊ ڊائيلاگ جي شروعات ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.