هڪ طوفان اچي رهيو آهي

تحرر:امتياز عالم

صحافت جي ڊگهي بندش کانپوءِ نھ چاھيندي به  خيرآباد چئي ڪري،سياست جي ميدان ۾ هڪ  قدم رکڻ لاءِ پکڙا سوري رھيو ھوس ته سياست هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ اهڙي نھ کٽندڙ بحران جي خوفناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي جنهن جي سنگين نتيجن جي فرشتن کي به خبر نه آھي ۽ ٽيليويزن ٽاڪ شوز ۾ويٺل طوطن کي تھ بلڪل بھ نه آھي.

صبح شام آسمان ڪھڙو رنگ بدلائيندو، ڏندن آڱريون ڏئي سگھجن ٿيون.جمعي تي سپريم ڪورٽ جي ھڪ معزز ٽه رڪني بينچ 20هين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي سڀ کان کل جوڳي ھٿ جي جوڙيل سائفر ڪيس جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا.جي ان ۾ ڪجهھ ھو بھ تھ اھو بچيو نھ.عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ضمانت واري خبر جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي. خان صاحب جي لکين ديوانن سمجھيو تھ اجھو خان صاحب جيل مان آزاد ٿي ڪري طوفاني چونڊ مهم تي نڪري پوندو پر تحريڪ انصاف جي سياسي تقدير اڃان نظر نھ ايندڙ ڪن مان نڪرڻ واري ڪٿي ھئي.

جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ جي بينچ جي معزز ججن (جن کي هاڻي پنهنجي اخلاقي ۽ سياسي ساک لاءِ ٻڏڻ جو فڪر اچي ورتو آهي) انھن تحريڪ انصاف جي شڪايت تي محسوس ڪيو ته تحريڪ انصاف کي سنواريل سياسي ميدان ميسر نھ آھي.تنھنڪري اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي وئي ته اھا تحريڪ انصاف جون شڪايتون دور ڪري ۽ ازالو وري اھو ٿيو جو ساڳي شام اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي پارٽي کي ان جي پراڻي چونڊ نشان”بيٽ “کان محروم ڪري ڇڏيو.

قلم جي ھڪ جھٽڪي سان تحريڪ انصاف نه رڳو بيٽ جو نشان وڃائي ويٺي، پر هاڻي اقليتن لاءِ 10 ۽ عورتن لاءِ 60 مخصوص سيٽون جن جو تعين ڪنھن بھ پارٽي کي پوندڙ ووٽن جي تناسب سان ٿئي ٿو. کان بھ محروم ٿي وئي.هاڻي 171 جي اڪثريت مان 70 ميمبر ڪاٽا ٿي ويا يا وري قومي اسيمبلي جي ڪل 342 سيٽن مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي باقي  جيڪي بچيون سي 272 سيٽون يا ڪل سيٽن جو 20 سيڪڙو، چونڊ کان اڳ ئي ان جي کاتي مان نڪري چڪيون آهن.

نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت پورو ٿي رھيو آھي ۽ 13 جنوري تي اميدوارن کي پارٽي نشان الاٽ ٿيڻو آھي. يعني ته تحريڪ انصاف وٽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ ۽ ان تي اعليٰ عدليھ کي فيصلن جي لاءِ صرف 17 ڏينهن بچيا آهن. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ايندڙ هفتي 10 ڏينهن اندر ان تي فيصلو نه ڪيو ته پي ٽي آءِ بغير بيٽ جي ميدان ۾ لھندي.

فرشتن اڳي ئي شفاف چونڊ واري ميدان ۾ پنهنجي من پسندن جون پچون  ٺاهي ورتيون آهن ۽ انھن کي هائي برڊ اليڪشني نظام جي ضرورتن مطابق ڏينهون ڏينهن بدلائي رھيا آھن. اهڙي صورتحال ۾ جيتوڻيڪ 8 فيبروري جي تاريخ پٿر تي لڪير ھوندي،اليڪشن جي عمل تي ئي بنيادي سوال کڙا ٿي ويا آهن. جسٽس اطهر من الله پاران 1970ع ۽ 1977ع جي اليڪشن سانحن جي يادگيري ڪرائي آھي.ان سان ڪنھن جي ڪن تي جونءَ بھ نھ سُري آھي. ھاڻي تحريڪ انصاف ڪري تھ ڇا ڪري ؟ بيٽ جو  متبادل تلاش ڪري سگھجي ٿو. ”عوام دوست“ وانگر ”انصاف دوست“ به ٿي سگهي ٿو ۽ بيٽ جي بدران ھٿوڙو ۽ ڪٿي ڪٿي ڏانٽو تھ ڪٿي ڪجهھ ٻيو نشان به ٿي سگهي ٿي.

سوشل ميڊيا جي دور ۾ ھڪ نھ، ھر تڪ جي لاءِ جدا چونڊ نشان کي باھ جيان پکيڙڻ ڪو  ڏکيو ڪم ناهي.تحريڪ انصاف کي هاڻي ھڪ اهڙي آساني ملي وئي آهي جيڪا ڪنهن ٻي پارٽي وٽ ناهي. هر هڪ تڪ تان درجنين اميدوار بيٺا آهن ۽ هو انهن مان ڪنهن هڪ جي مناسب چونڊ ڪري سگھي ٿي. نئين نسل جا عقاب راتو رات انھن نشانن کي پکيڙي سگهن ٿا.لينڊ سلائيڊ نھ سھي، مقابلو خونخوار نھ سھي،تڏهن به ڪجهه هنڌن تي مضبوط جوڙ  ٿي سگهن ٿا.

اهڙي وقت ۾ جڏهن پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) پنهنجي وسيع مڪاني چونڊ نيٽ ورڪ جي باوجود،پنھنجي عوامي  حمايت جي تاريخ جي سڀ کان ھيٺين سطح تي آيل آهي،ان جي لاءِ لاڏ پيار ۽ رياستي سرپرستي جي کٽڻ مشڪل کان مشڪل ٿي رھي آھي.ضلعي بھاول نگر ۾ جتان  مان خود قومي اسيلبمي جي  تڪ 161 جو اميدوار آھيان، اتي انھن جي پراڻن اميدوارن جي خلاف فضا نھايت خراب نظر اچي ٿي.

پيپلز پارٽيءَ جي جيالن جو حال ڪو بھ پڇڻ وارو نھ آھي.جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي فضا آھي تھ اها تحريڪ انصاف آهي. ھاڻي تحريڪ انصاف وٽ ڪهڙا آپشن ۽ پلان بي ۽ سي آهن؟ ڪا خبر ناهي! اھو خيال تھ تحريڪ انصاف رڳو شهرن تائين محدود آھي، حقيقت جي بلڪل ابتڙ آهي. ڳوٺاڻيون پدرشاهي برادريون ٽٽي ڦٽي ويون آهن ۽ پورهيت ماڻهو مهانگائي ۽ بيروزگاري کان تنگ آهن ۽ انهن لاءِ روشنيءَ جي ڪا به لڪير ناهي.

وچولي طبقي جا ماڻهو ڏاڍا تلخ ٿي چڪاآهن. جڏهن ته حيرت جي حد تائين عوامي بيزاري جو گھڻو بار شهباز سرڪار جي مٿي تي پيو آهي. ۽ ٻيا بھ پتو ناھي ڪھڙا ڪهڙا عنصر آهن جيڪي عمران خان جي ڪرشماتي اپيل کي وڌائي رھيا آهن؟ هو هاڻي ھڪ زنده شهيد آهي. هينئر تائين اليڪشن مهم صرف پارٽي ٽڪيٽن جي ڊوڙ تائين محدود آهي. انهن مان اڪثريت جو رخ تھ مسلم ليگ (ن) ڏانهن آهي ۽ ان جي اميدوارن کي عوامي پذيرائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح مان هڪ الڳ عوامي جمهوري ايجنڊا سان ميدان ۾ لھڻ جي مھم جوئي جي جرئت ڪئي آهي.

مزدورن ۾ ڪيل پراڻو ڪم ڏاڍو ڪم اچي رھيو آھي۽ پتو ناھي ڪٿان ڪٿان کان ماڻهو اچي ھمٿ ڏياري رھيا آھن.مان هن وقت شايد واحد اميدوار آهيان، جنهن سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي هڪ تفصيلي چارٽر جاري ڪيو آهي، جنهن کي پڙهيل لکيل ماڻهن جي ڀرپور موٽ ملي آهي ۽ مزدورن، خاص ڪري هارين لاءِ ٿوري گھڻي اميد پئدا ٿي آھي، پر ھاڻي ڏسون ته ٿا  اُٺ ڪھڙي پاس ٿو ليٽي.

چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو مقصد صرف اسيمبليءَ جي سيٽ حاصل ڪرڻ نه آهي، پر ملڪ جي جمهوري تبديليءَ، خوشحال مستقبل ۽ پورهيت عوام جي ڀلائي ۽ استحصال کان  نجات لاءِ جدوجھد ڪرڻ گھڻو ضروري آهي. بهاول نگر منهنجو اباڻو ضلعو آهي جتان منهنجو ڀاءُ ممتاز عالم گيلاني ٻه ڀيرا ايم اين اي چونڊيو ويو ۽ سندس ايماندارڻي عوامي سياست جو ثمر به مون کي ملي رهيو آهي.

پر ماڻهو خبر ناھي ڇو مون کان ايتريون اميدون رکن پيا ؟ اهي شايد ان خوش فھمي ۾ مبتلا آھن تھ پتو ناھي مان ڪھڙو ڪرشمو ڪري ڏيکاريان. پر اڪيلي سر جنگ نٿي وڙھي سگهجي! عوامي نجات، جمهوري استحڪام ۽ انقلابي تبديليءَ جي جدوجهد ڊگهي آهي. هڪ وڌيڪ ڪوشش بھ سھي.

 

پيپلز پارٽيءَ جي جيالن جو حال ڪو بھ پڇڻ وارو نھ آھي.جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي فضا آھي تھ اها تحريڪ انصاف آهي. ھاڻي تحريڪ انصاف وٽ ڪهڙا آپشن ۽ پلان بي ۽ سي آهن؟ ڪا خبر ناهي! اھو خيال تھ تحريڪ انصاف رڳو شهرن تائين محدود آھي، حقيقت جي بلڪل ابتڙ آهي. ڳوٺاڻيون پدرشاهي برادريون ٽٽي ڦٽي ويون آهن ۽ پورهيت ماڻهو مهانگائي ۽ بيروزگاري کان تنگ آهن ۽ انهن لاءِ روشنيءَ جي ڪا به لڪير ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.