بلوچ يڪجھتي مارچ جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن

بلوچستان سان تعلق رکندڙ عورتون ۽ نياڻيون پڻ پنھنجو ڪيس کڻي اسلام آباد پھتون آھن، اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ وفاق جي علامت واري ھن شھر جي انتظاميھ انھن جو انتھائي شرم جوڳي انداز ۾ آجيان ڪئي آھي.پر انھن سمورن مرحلن مان پار ٿي ڪري ان مارچ ۾ شريڪ ماڻھن اسلام آباد پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي.

ھٿين خالي نياڻين جي مارچ تي ٿيل تشدد باوجود اھو مارچ اختيارين وٽ پنھنجي ڳالهھ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي.ھاڻي نھ رڳو اھا ڳالهھ جنھن کان ملڪ جي رياست ڊنل ھئي سا سامھون اچي وئي آھي بلڪھ ھاڻي تھ  بلوچستان ۾ ٿيندڙ ظلم جو پڙاڏو عالمي سطح تي پھچي ويوآھي.

گذريل ڏينھن بلوچستان ٿڪجھتي مارچ جي قيادت ڪندڙ نياڻي ماھ رنگ بلوچ سان حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن ملاقات ڪئي، جتي پنھنجا مطالبا پيش ڪندي سندس چوڻ ھو تھ بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڪميشن ٺاهي صوبي ۾ سي ٽي ڊي ۽ ڊيٿ اسڪواڊز کي ختم ڪيو وڃي ۽ گهرو وزارت پريس ڪانفرنس ڪري اهڙن ڏوهن تي معافي گهري.ان کان اڳ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ماهرنگ بلوچ چيو ته هي احتجاج بلوچستان جي عوام جي حقن لاءِ آهي، اسان اسلام آباد لانگ مارچ جي صورت ۾ آيا آهيون، عورتون اسان سان گڏ آهن. هن چيو ته جبري گمشدگين خلاف آواز اٿارڻ لاءِ تربت کان اسلام آباد آيا آهيون ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته جبري گمشدگين ۽ بلوچ عوام جي قتل عام خلاف قدم کنيا وڃن. غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث سي ٽي ڊي ۽ ٻيا ادارا بند ڪيا وڃن.

بلوچستان جي نياڻي جو چوڻ ھو تھ ھن سان گڏ ھر  ماڻھو جي ھڪ جدا ڪھاڻي آھي.گذريل ستر سالن کان جيڪو رويو بلوچستان جي ماڻھن سان اختيار ڪيو ويو آھي ان ڪري نفرت وڌي آھي.جنھن جي ذميواري ملڪ جي اختيارين تي آھي.ھن چيو تھ اسان اميد کڻي بلوچستان آيا ھئاسين، پر ھتي تشدد سان آجيان ڪري اسان کي اھو احساس ڏياريون ويو تھ ھن اقتدار واري شھر وارا بلوچن کي انسان سمجھڻ لاءِ تيار نھ آھي.

مٿي ذڪر ڪيل ڳالھين ۽ ان سان گڏ دنيا توڙي ملڪي رواجي ۽ غيررواجي ميڊيا ۾ آيل خبرن ۽ معلومات بعد جيڪا صورتحال پئدا ٿي آھي، ان جي گھرج آھي تھ ھر سياسي جماعت بلوچن کي سياست ۾ استعمال ڪرڻ جي بدران انھن جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ بنيادي ڳالھين کي پنھنجي منشور ۾ شامل ڪن.جنھن سان ملڪي سياست ۾ ھم آھنگي پئدا ڪري سگھجي ٿي.

جيڪڏھن ھن وقت بلوچستان کان آيل احتجاجي مارچ جي ڀيٽ انھن انتھاپسند گروپن سان ڪئي وڃي جيڪي ھر وقت قانون ھٿ ۾ کڻي حڪومت جي رٽ کي چئليج ڪندا رھندا آھن ۽ اھي پنھنجا مطالبا رکڻ وقت قبول نھ ڪرڻ جي موٽ ۾ للڪاريندا رھندا آھن، انھن تي رياست ھميشھ لاڏ ڪوڏ وارو رويو اختيار ڪري ٿي ۽ انھن جي ڳالھھ کي وزن ڏئي ٿي، پر ڪھڙو سبب آھي تھ پنھنجي ماڻھن جي ڏکن جي ترجماني ڪندي ھٿين خالي آيل مارچ ۾ موجود نياڻين ۽ عورتن مٿان پوليس جي ذريعي وحشياڻو تشدد ڪيووڃي ٿو.

مختصر ماڻھن تي ٻڌل ھن مارچ جي سفر ۾ جيڪا موٽ انھن کي ملي آھي ان جو ڪو مثال نٿو ملي.ماڻھن ھنن جي ڏکن کي ٻڌي ڪري انھن جي سگھه وڌائي آھي.مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ نياڻي جو چوڻ آھي تھ اسان جي ڪا بھ سياسي ايجنڊا نھ آھي.رڳو جن مائرن جي پٽن ۽ جن ڀيڻن جي ڀائرن ۽ جن ٻارڙن جي والد کي گم ڪيو ويو آھي اھي بازياب ڪرايا وڃن.

ھي مارچ ھٿين خالي ھو ۽ انھن وٽ ھٿ ۾ ڪو پٿر بھ نھ ھو،تربت کان سفر ڪندي ان قافلي جي رستي ۾ آيل ڪو ٻوٽو بھ نھ ڀيليو ويو ھو، پر جڏھن اھڙو پرامن مارچ اسلام آباد پھتو تھ ان کي داخل ٿيڻ نھ ڏنو ويو. جنھن بعد بھ مارچ جي شريڪ ماڻھن جو چوڻ ھو تھ اھي ھاڻي ھن روڊ تي ڌرڻو ڏيندا.جنھن بعد رات جي وقت ۾ انھن مٿان تشدد ڪيو ويو.

اختيارين کي اھو سمجھڻ گھرجي تھ ھي بھ انسان آھن ۽ انھن جا ملڪ جي آئين ۾ حق ڄاڻايل آھن، جيڪڏھن رڳو انھن آئين ۾ ڏنل حق ئي انھن کي موٽائي ڏنا وڃن تھ بھ گھڻا معاملا بھتر ڪري سگھجن ٿا.

اسان بلوچستان جي نياڻين جي مارچ جي مطالبن کي درست سمجھندي وس وارن کي گذارش ڪيون ٿا تھ انھن کي سمجھڻ ۽ انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.ھنن جا مطالبا بھ سادا آھن، جنھن کي مڃڻ سان ڪو ملڪ کي لوڏو نھ ايندو.

  • ناري ۾ عرب شڪارين عوام لاءِ آزار پئدا ڪري ڇڏيو

خيرپور ضلعي جي ناري جي علائقي ۾ عرب شڪارين ديرو ڄمائي ورتو آھي.جنھن ڪري نار ي ۽ چونڊڪو جي رواجي زندگيءَ مفلوج ٿي وئي آھي.ھر وقت تيز رفتار گاڏين جي اچ وڃ،فائرنگ جي آوازن ۽ رات جي سرگرمين سبب عام ماڻھون پنھنجي گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن.ھتان جي ماڻھن جو چوڻ آھي تھ سياري جي ھر موسم ۾ انھن سان ساڳي طرح جو ويل ڪيو ويندو آھي. اھڙين دانھن تي ھنن جي ڪو بھ ٻڌڻ وارو نھ آھي.مقامي ماڻھن موجب انھن عرب شڪارين کي انتظاميھ ھر قسم جي سھولت فراھم ڪري ٿي، انھن جي رات جي سرگرمين جي سبب عوام وڌيڪ مسئلن جو شڪار ٿي رھيو آھي.

ھئڻ تھ ائين گھرجي جو اختياريون عوام جي اھنجن کي محسوس ڪندي انھن جو ڪو حل ڳولي ڏين پر ھتي عام ماڻھن جي ڪنھن بھ ڳالھھ يا دانھن تي ڪو بھ ڪن ڌرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.

ان کان اڳ ھڪ واقعي ۾ علائقي جو ماڻھو عرب شڪارين جي گاڏين جي قافلي جي ٽڪر ۾ پنھنجي حياتي تان ھٿ ڌوئي چڪو آھي، جنھن ڪري اھو ڊپ رھي ھو تھ متان وري اھڙو ڪو حادثو نھ ٿي پئي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.