ناروي (ويب ڊيسڪ) نوبيل ڪميٽي جي چيئرمين يورگن واٽني جو ٽرمپ کي نوبيل انعام نه ڏيڻ بابت بيان سامهون اچي ويو .
نوبيل امن انعام جي اعلان کانپوءِ يورگن کان سوال ڪيو ويو ته صدر ٽرمپ بار بار پاڻ کي نوبيل انعام جو حقدار قرار ڏيندو رهيو آهي ۽ انعام نه ملڻ کي آمريڪا جي توهين چيو آهي.
ان تي ڪميٽي چيئرمين جواب ڏنو ته نوبيل امن انعام ڏيڻ جي ڊگهي تاريخ ۾ ڪميٽي ڪيئي مهمن جو مشاهدو ڪيو آهي ۽ هر سال هزارين خط وصول ٿين ٿا جن ۾ ماڻهو امن بابت پنهنجا رايا ڏيندا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ڪميٽي هڪ اهڙي ڪمري ۾ ويهندي آهي جنهن جي ڀتين تي اڄ تائين نوبيل ماڻيندڙ جون تصويرون لڳل هونديون آهن، جيڪي جرئت ۽ ايمانداري جي علامت آهن ۽ انهيءَ ئي جذبي تحت فيصلو الفريڊ نوبيل جي نظرين ۽ وصيت جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي۔
You might also like