ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي بالي ووڊ اداڪارا ۽ فلمساز پوجا ڀٽ انڪشاف ڪيو آهي ته سندس پيءُ ۽ مشهور هدايتڪار مهيش ڀٽ رات جو نشي ۾ ڌُت ٿي گهر ايندو هو.
مهيش ڀٽ تازو ئي ڌيءَ پوجا ڀٽ جي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران پوجا پنهنجي والد سان سندس ڪيريئر سميت مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
گفتگو دوران پوجا ڀٽ پيءُ آڏو پنهنجي ٻالپڻ جو هڪ واقعو ياد ڪندي ٻڌايو ته ”ماضي ۾ جڏهن اسين سِلور سينڊ ۾ رهندا هئاسين، توهان نشي ۾ ڌت ٿي گهر واپس آيا ۽ سِڌو بالڪوني ڏانهن هليا ويا، ان کانپوءِ امان توهان کي سمنڊ جي شور سان گڏ بالڪوني ۾ ئي بند ڪري ڇڏيو، پوءِ وري توهان زور زور سان در ٺڙڪايو مون کي ۽ امان کي ڪرن، پوجا چئي سڏي رهيا هئا.“
پوجا وڌيڪ ٻڌايو ته ”مان اُٿي در کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته امان مون کي روڪي ورتو ۽ چيائين ته تون در نٿي کولي سگهين ڇو ته اهو مناسب نه آهي، هو روز شراب پي گهر اچي ٿو، اهو هن لاءِ سٺو نه آهي، مون امان کان پڇيو ته جيڪڏهن هو ڪِري پيو ته؟ جنهن تي امان وراڻيو ته تون هميشه پنهنجي پيءُ جي حمايت ڪندي آهين، ان کانپوءِ منهنجو امان سان جهيڙو ٿي پيو اتان هلي ويس.“
پوجا ڀٽ چيو ته ”ان کان پوءِ توهان منهنجي سيراندي ڀرسان ويهي مون کي هڪ اهڙي عورت بابت ٻڌائي رهيا هئا جيڪا توهان سان ملندي هئي، ان جو نالو سوني هو، توهان ٻڌايو ته هن سان شادي ڪري هتان هليو ويندئو، مون توهان جي انهي ڳالهه کي به پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهيو هو، ڇو ته توهان منهنجي ماءُ کي ٻڌائڻ کان اڳ مون کي ٻڌايو هو.“
ياد رهي ته مهيش ڀٽ کي پهرين زال ڪرن ڀٽ مان هڪ ڌيءَ پوجا ڀٽ ۽ هڪ پٽ راهول ڀٽ جو اولاد آهي، ڪرن ڀٽ سان شادي ختم ٿيڻ بعد هدايتڪار سوني رازدان سان شادي ڪئي، جن مان هن جون ٻه ڌيئرون، اداڪارا عاليه ڀٽ ۽ شاهين ڀٽ آهن.
You might also like