ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي ٽرين مان بم هٿ اچڻ واري واقعي جي پوليس جي شرعاتي جاچ مڪمل ڪئي آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته بم جو ممڪن ٽارگيٽ سنڌ جو ڪو ٻيو شهر هو. بم هٿ ڪرڻ جو ڪيس اڃا تائين داخل ناهي ڪيو ويو، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته ڪيس ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي داخل ڪيو ويندو، شرعاتي جاچ موجب بم پشاور اسٽيشن تان ٽرين ۾ رکيو ويو، پشاور کان ڪراچي ويندڙ مختلف اسٽيشنن جي فوٽيجز حاصل ڪيون پيون وڃن، اسد رضا موجب ٽائمر م۾ بم ڌماڪي جو وقت ڏينهن جو 12 وڳي هو، ٽرين 12 بجي سکر روهڙي اسٽيشن تي هئي ، پر بم ۾ ڊيوائس ناڪارا هئڻ ڪري ڌماڪو نه ٿيو. هن چيو ته جڏهن ٽرين ڪينٽ اسٽيشن تي پهتي ته هڪ ڪلاڪ کانپوءِ پوليس کي بم جو اطلاع مليو، ٽرين ۾ شڪي ٿيلهو هجڻ جو اطلاع ريلوي عملي ڏنو ، ريلوي عملي کان به جاچ ڪئي پئي وڃي. بم ڊسپوزل يونٽ جي شروعاتي رپورٽ موجب بم جو وزن 4 کان 5 ڪلوگرام هو ۽ ان ۾ اڍائي ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ، بم سان هڪ ٽائمر ۽ هڪ 12 وولٽ جي بيٽري لڳل هئي هئي، اختيارين جو چوڻ آهي ته بم سان گڏ ڊيٽونيٽر ۽ ميٽل باڊي پڻ ناڪارا بڻيل هئي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب ڪينٽ اسٽيشن تي پهچي ويو، هن اسٽيشن جو معائنو ڪيو، راجا عمر خطاب جو چوڻ هو ته ڪينٽ اسٽيشن تي بم کي بروقت ناڪارا بڻايو ويو، بم ۾ ٽائم ڊيوائس نصب هئي. پر بال بيرنگ نه هئا.