نوابشاهه (ڊ ر) نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ اسماعيل ابڙو ۾ گهٽي جي معامري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڄڻو شيردل ابڙو خنجر لڳڻ سبب قتل ٿي ويو جڏھن ته 2 ڄڻا حضور بخش ۽ فدا حسين ابڙو زخمي ٿي پيا، مقتول جو لاش ۽ زخمين کي بالو جا قبا پوليس پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو، جتي مقتول جي چاچي غوث بخش ابڙو ٻڌايو ته اسان جا ھمراھ پنهنجي گهر آڏو ويٺل هئا ته الهوسايو، مالڪ ڏنو ابڙو ۽ ٻين لٺين ڪهاڙين ۽ خنجرن سان حملو ڪيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.