چوڌري نثار جو پي ٽي آءِ باني ۽ ن ليگ قيادت تي تنقيد کان پاسو

راولپنڊي ( م ڊ ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ سينيئر سياستدان چوڌري نثار علي خان تحريڪ انصاف جي باني ۽ ن ليگ قيادت تي تنقيد ڪرڻ کان پاسو ڪري ڇڏيو آهي. راولپنڊي جي علائقي ڌميال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار علي خان چيو ته پي ٽي آءِ جو باني منهنجو دوست آهي، مان مٿس تنقيد نٿو ڪرڻ چاهيان. هن چيو ته مان 35 سالن کان ن ليگ ۾ آهيان، مان مٿس تنقيد نه ٿو ڪرڻ چاهيان، مان ڪنهن تي تنقيد ڪري ووٽ حاصل ڪرڻ نٿو چاهيان، مان پنهنجي ڪردار لاءِ ووٽ حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. چوڌري نثار علي خان وڌيڪ چيو ته مون تي ڪرپشن جو ڪو داغ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.