سائفر ڪيس ۾ ضمانت باوجود شاهه محمود قريشي آزاد نه ٿي سگهيو

اسلام آباد ( م ڊ )  سائفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي آزاد نه ٿي سگهيو. سائفر ڪيس ۾ ضمانت تي  آزاد شاهه محمود قريشي جو خاندان سپريم ڪورٽ جي لکت واري حڪم جو انتظار ڪري رهيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود جي وڪيلن لکت واري حڪم جي تصديق ٿيل ڪاپي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. شاهه محمود قريشي جي وڪيل بئريسٽر تيمور ملڪ چيو ته بدقسمتي سان شاهه محمود قريشي جي آزاديءَ جو عمل اڄ به مڪمل ٿيڻ جو امڪان ناهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ اڃا تائين سائفر ڪيس جي ضمانت واري حڪم جي تصديق ٿيل ڪاپيون جاري نه ڪيون آهن ۽ خاص عدالت کي باضابطا طور تي آگاهه ناهي ڪيو ويو. بئريسٽر تيمور ملڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي تصديق ٿيل ڪاپيون جاري ڪرڻ کانپوءِ ئي گهربل ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته دير جي نتيجي ۾ شاهه محمود قريشي بغير ڪنهن سبب جي اڊيالا جيل ۾ قيد رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.