لاڏلي کي معصوم چئي ٻيهر مڙهيو پيو وڃي، برداشت نه ڪنداسين: مريم اورنگزيب

لاهور (م ڊ ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پهريان 2018 ۾ لاڏلو هاڻ معصوم چئي مڙهيو پيو وڃي. هاڻ اهڙو عمل برداشت نه ڪنداسين. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته لاڏلي کي آر ٽي ايس ويهاري مڙهيو ويو. چونڊون چوري ڪري لاڏلي کي آندو ويو. جڏهن لاڏلي جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئي ته هن آئين ٽوڙيو، بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ ڪنهن به قسم جي سازش نه هوندي آهي.  ليگي اڳواڻ چيو ته جنهن شخص آئين جي ڀڃڪڙي ڪرائي ان کي معصوم چيو پيو وڃي. پهريان 2018 ۾ لاڏلو چيو ويو هاڻ معصوم چئي ملڪ مٿان مڙهيو پيو وڃي. هاڻ برداشت نه ڪنداسين. اڳوڻي وفاقي وزير پي ٽي آءِ باني تي تنقيد ڪندي چيو ته اوهان اسپتال، اسڪول، جناح هائوس کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو. ڇا اوهان معصوم آهيو؟ 9 مئي جي ڏوهارين کي گڊ ٽو سي يو چيو وڃي ٿو، ڇا پرڏيهي فنڊنگ ڪندڙ ۽ 9 مئي جو ڏوهاري معصوم آهي؟ 190 ملين پائونڊ جو  بند ٿيل لفافو لهرائي پئسا کائڻ وارا ڇا اوهان معصوم آهيو؟ ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته هڪ ماڻهو جيل ۾ آهي ان تي سنگين الزام آهن ڪو ڏسي رهيو آهي يا  نه پيو ڏسي،. 8 فيبروري تي عوام فيصلو ڪندو ته ان کي ڪهڙي قيادت گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.