گجرات(م ڊ) گجرات ۾ چونڊ جلسي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ق ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته نواز شريف تي لاڏلو هجڻ جا الزام هڻڻ بي فائدي آهي، پاڪستان ۾ هميشه ڪو نه ڪو لاڏلو رهيو آهي، پوءِ هو پاڻ ئي هليا ويندا. اها سٺي ڳالهه آهي ته مريم نواز گجرات اچي رهي آهي،پراڻن فارمولن تي پاڪستان کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته تبديلي نه ايندي،چوڌري سالڪ حسين چيو ته پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب ۾ ايتري مقبول ناهي، ان باوجود ساڻن سٺا لاڳاپا آهن، چونڊن ۾ دير ٿيڻ جي ڪا گنجائش ناهي.اڃان تائين ڪنهن به پارٽي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ٿي آهي