حيدرآباد (رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو آهي ته پرڏيهي پاليسين ۾ ڪلابازين ۽ دوکيبازين جي ڪري اڄ پاڪستان تي ڪو به ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ملڪ کي معاشي طور تي پنھنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪڏھن ڪا منصوبابندي نه ڪئي وئي، بدعنواني ۽ اسمگلنگ جي ذريعي ذاتي مفاد پورا ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي بنانا رياست ٺاھي ڇڏيو ۽ ملڪي معيشيت کي ڊاڪيومينٽيڊ به ٿيڻ نه ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ۾ “ڪارپوريٽ فارمنگ جي تناظر ۾ عالمي ۽ ملڪي صورتحال” جي عنوان ھيٺ ٿيل تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا ھن وقت سرمائيدارن جي تضادن جي نتيجي ۾ نئين صف بندي ۾ جڪڙندي پئي وڃي، چونڊون شيڊول مطابق ڪرڻيون آھن يا نه ان بابت به آمريڪا ۾ فيصلا متوقع آهن، پاڪستان جي عوام کي ته صرف باڪس ۾ ووٽ وجھڻ جو اختيار حاصل آھي، جنھن کي جمهوريت چيو ويندو آھي، اڄ بلوچستان ۾ جيڪا خوني راند کيڏي پئي وڃي، جنھن جي نتيجي ۾ بلوچ عوام پاڪستان سان گڏ رھڻ جي خلاف ٿي رھيا آھن، ڪارپوريٽ فارمنگ جو عمل پاڪستان تي ٻاهرين ڪارپوريشنن جي سگهارن سان گڏ پارٽنرشپ جي ذريعي قبضي جي ڪوشش آھي.