اسلام آباد (م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي سينيٽر مشتاق احمد خان جو چوڻ آهي ته پنجاب پوليس جو لانگ مارچ، مظاهرين تي لاٺي چارج، شيلنگ، تشدد ۽ گرفتاريون شرم جوڳيون آهن، هي فاشزم ۽ رياستي جبر جون حڪمت عمليون آهن،ڇا جبري گم ٿيل ماڻهن جي مائٽن کي پنهنجي پيارن لاءِ احتجاج جو حق به ناهي،هن چيو ته پنجاب حڪومت ۽ پوليس کي گهرجي ته معافي وٺي، گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪري، مظلوم بلوچ عوام کي مارچ ۽ احتجاج ڪرڻ جو جمهوري حق ڏئي ۽ انهن جي پيارن کي جبري گمشدگيءَ کان بازياب ڪرائي.