لاهور ( م ڊ ) پيپلز پارٽي جي اڳوڻي اڳواڻ لطيف کوسي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته پاڪستان لاءِ محبت، امن ۽ ڀائيچاري جي سفر جي شروعات جي دعوت ڏيان ٿو، اميد آهي ته نفرت جي سياست ختم ٿيندي. لطيف کوسي جو چوڻ آهي ته آئين هڪ سول معاهدو آهي جنهن ۾ سمورين فلاحي رياستن جون خصوصيتون موجود آهن، جڏهن آئين کان انڪار ٿيو ته رياست ۽ آئين کي نقصان پهتو. پنجاب جي اڳوڻي گورنر چيو ته وکالت هجي يا سياست، مون هميشه عبادت سمجهيو آهي، پهرين وفاداري ڌرتي ماءُ سان آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيو پيو وڃي ته ماڻهو پي ٽي آءِ ڇڏي رهيا آهن، تون چريو آهين شامل ٿيو آهين. لطيف کوسي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي خواهش تي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيو آهيان، فيصلو ملڪ ۽ جمهوريت جي مفاد ۾ آهي. ٻئي پاسي نامياري قانوندان ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سردار لطيف خان کوسي جي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت تي پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر آجيان ڪئي آهي. پي ٽي آءِ طرفان چيو ويو ته سردار لطيف کوسا سياست ۽ قانون جي ميدان ۾ وڏو نالو آهي، سندن شموليت سان تحريڪ انصاف کي غير معمولي واڌ ملندي.