سکر ( م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود سومرو چيو ته هو پارٽي جي هدايت تي لاڙڪاڻي مان بلاول ڀٽو زرداري خلاف اليڪشن وڙهندو. هن چيو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌ ون مين شو آهي، ٻي ڪا به پارٽي ڪامياب نٿي ٿي سگهي. جي يو آءِ (ف) سنڌ جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته دھاندلي خلاف اهڙي تحريڪ هلائينداسين جو سندن حڪومت ڊهي پوندي. هن چيو ته جي يو آءِ پهرين ڏينهن کان سنڌ جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.