پشاور(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ پارٽي اڳواڻن کي پي ٽي آءِ سان چونڊن ۾ اتحاد نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.پيپلز پارٽي جي شريa علي ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي جنهن۾ چونڊن جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. ملاقات دوران چونڊن جي لاءِ ٽڪيٽن جي ورهاست تي به ڳالهيون ڪيون ويون.آصف زرداري پارٽي اڳواڻن کي پي ٽي آءِ سان چونڊن ۾ اتحاد نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. آصف زرداري چيو ته ٻين پارٽين سان اتحاد جو فيصلو صوبائي قيادت ڪندي هن پارٽي اڳواڻن کي اختلاف جلد کان جلد ختم ڪرڻ جون به هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.واضح رهي ته آصف زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر جي ملاقات دوران پيپلز پارٽي جو وفد ۽ جي يو آءِ(ف) جا اڳواڻ به موجود هئا.