اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز (پي پي پي پي) جي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته چونڊن لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ سڀني لاءِ ضروري آهي.جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته اسان جو ڪنهن سان ڪو به جهيڙو ناهي، اسان جي خاموشي ڪمزوري نه پر سياسي تربيت آهي.پ پ ترجمان وڌيڪ چيو ته مارڻ يا جيلن ۾ واڙڻ جي سياست آصف زرداري جي ناهي، اسان اڃا به ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو ڪريون ٿا.
ادارن جون پاڙون سماجي ذميواري ۾ جڙيل هجڻ گهرجن: مقبول باقر
ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته ادارن جون پاڙون سماجي ذميواري ۾ جڙيل هجڻ گهرجي. عوام ۾ ان جي فائدي ۽ نتيجن کان آگاھھ ڏيڻ گھرجي تھ اھو ميڊيڪل ادارن لاءِ ضروري آھي قوم جي مضبوطي سندن ادارن جي معيار ۾ آهي جيڪي تعليمي ۽ انتظامي خودمختياري سان ترقي ڪن ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظھار ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي 56هين ڪانووڪيشن کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان (سي پي ايس پي) جو 56 هون ڪانووڪيشن هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ ٿي گذريو. نگران وڏي وزير چيو ته ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي 56هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. مان ان موقعي تي دعوت ڏيڻ تي پروفيسر خالد مسعود گوندل ۽ سي پي ايس پي ڪائونسل جو ٿورائتو آھيان. ھن چيو تھ مون کي پڪ آھي تھ اوھان اميدن تي پورو لھندا ۽ قوم طبي شعبي تي جيڪو اعتماد ڪيو آھي ان کي برقرار رکندا ۽ مون کي ڪاليج جي ھاڪاري ڪارڪردگي بابت ڄاڻ ملڻ تي خوشي ٿي آھي، ان موقعي تي سي پي ايس پي جي صدر پروفيسر خالد مسعود گوندل، سينيئر نائب صدر پروفيسر محمد شعيب شفيع، ڊپٽي پروفيسر عائشه صديقه، پروفيسر مقصود حامد، پروفيسر امان اللھ عباسي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي ڪيس جي اڄ ٻڌڻي
اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي ڪيس جي ٻُڌڻي (اڄ) ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ڪاز لسٽ مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻُڌڻي ڪندو. پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر پنهنجا حتمي دليل ڏيندو.