اسلام آباد (م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف زرداري سان اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي ۽ سندس پٽ احمد سعيد ڪاظمي ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ نيئر بخاري، مخدوم احمد محمود ۽ عبدالقادر شاهين به موجود هئا. پڌرائي موجب حامد سعيد ڪاظمي ۽ احمد سعيد ڪاظمي آصف زرداري سان ملاقات کانپوءِ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا. واضح رهي ته حامد سعيد ڪاظمي يوسف رضا گيلاني جي ڪابينا ۾ مذهبي معاملن جو وزير رهي چڪو آهي.