پاڪستان پاران ايران ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستان ايران جي ڏکڻ اوڀر علائقي ۾ راسڪ پوليس هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي  آهي جنهن ۾ 11 ايراني اهلڪار مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. گذريل ڏينهن پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڏک جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ايراني ڀائرن سان گڏ آهي ۽ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، بيان ۾ متاثر ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحت يابي لاءِ دعا ڪئي وئي آهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته دهشتگردي علائقائي ۽ عالمي امن سلامتي لاءِ خطرو آهي،دهشتگردي جي مقابلي لاءِ ٻه طرفا علائقائي سهڪار جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.