حڪومت ۾ اچڻ سان ئي پيٽرول ۽ گئس سستو ڪنداسين : بشير ميمڻ

مٽياري/دادو/اڏيرو لعل ( نمائندن وٽان ) ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن،  بشير ميمڻ ن ليگ  سنڌ جو صدر ٿيڻ بعد پھريون ڀيرو مٽياري ضلعي ضلعي جو دورو ڪيو، مختلف جڳهن تي سندس استقبال ڪيو ويو. ڇنڊڻ موري پهچڻ تي ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ  جو نواز ليگ ضلعي مٽياري جي سينيئر نائب صدر الطاف خاصخيلي، ميمڻ موومينٽ مٽياري ۽ ٻين پاران استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بشير ميمڻ چيو ته پاڪستان تان ڏکيا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آھن،  ميان نواز شريف اچي ويو آھي. نواز ليگ ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ مان ڪاميابي حاصل ڪندي. بشير ميمڻ چيو ته حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ پھرين ڌڪ ۾ پيٽروليم شين ۽ گئس اگهن ۾ لاٿ ڪئي ويندي، ڪاڇي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ پ پ جو عوام کي تحفو آهي. هوڏانهن سيکاٽ، کيبر ۽ کنڊو اسٽاپ پهچڻ تي ڪارڪنن بشير ميمڻ جي آجيان ڪئي. ٻئي  پاسي دادو ۾ بشير احمد ميمڻ، اڳوڻي ايم اين اي کينئل داس ڪوھستاڻي، مسلم ليگ ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر زاھده ڀنڊ، اڳوڻي ايم پي اي سورٺ ٿيٻو ۽ ٻين پ پ ڇڏي ن ليگ ۾ شامل ٿيندڙ سردار ياسر خان ٻٻر جي رھائشگاھه تي چانهھ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.